13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ:ڪراچي: ناليواري ليکڪه ۽ شاعره فهميده رياض لاڏاڻو ڪري وئي

*ناليواري شاعره ۽ ليکڪه فهميده رياض ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد  پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

مليل ڄاڻ موجب ناليواري شاعرا ۽ ليکڪه فهيمده رياض ڪجهه ميهنن کان بيمار هئي ۽ سندس لاهور ۾ علاج به جاري هو.

فهميدهه رياض 28 جولاءِ 1945  ۾ ميرٺ ۾ جنم ورتو ۽ شاگردي واري زماني ۾ پهريون نظم لکيو هو.

فهميدهه رياض جو پهريون شاعري جو مجموعو پٿر کي زبان 1967 ۾ آيو ۽ جڏهن ته سندس ٻيون  مجموعو بدن دريدهه 1973 ع ۾ سندس شادي  بعد  انگلينڊ ۾ رهائش دوران ڇيپو جڏهن ته سندس شاعري جو ٽيون ڪتاب ڌوپ هئو  جن کي عوام پاران ڀرپور موٽ ملي.

فهيمدهه رياض نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد جي سربراهه به رهي چڪي آهي فهيده رياض ضياءُ الحق جي دور ۾ ڀارت هلي وئي ۽ ضياءُ الحق جي هوائي حادثي  ۾ موت  بعد واپس آئي.

ڊاڪٽر فهميدهه رياض انقلابي، روشن خيال جمهوريت جي حامي عورت هئي سندس سموري عمر جدوجهد ڪندي گذري ۽ هن هميشه عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي.

فهميده رياض گذريل رات پنجاب جي تختگاهه لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جيتوڻيڪ فهيمده رياض هن وقت اسان وٽ موجود نه آهي پر پنهنجي روشن خيالي ۽ اعتدال پسندي توڙي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ سبب سدائين عوام جي دلين ۾ زندهه رهندي

ڊاڪٽر فميدهه رياض انقلابي، روشن خيال جمهوريت جي حامي عورت هئي سندس سموري عمر جدوجهد ڪندي گذري ۽ هن هميشه عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: اينگرو ورڪرز يونين جي سڏ تي پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

ڏھرڪي ۾ اينگرو ڪانٽريڪٽ ورڪرز يونين جي سڏ تي اينگرو ڀاڻ فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے