11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ:وڳڻ: سيپڪو عملدارن جي زيادتين خلاف احتجاج

* وڳڻ ۾ سيپڪو عملدارن جي زيادتين خلاف جسقم ، واپاري اتحاد ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو .

بجلي جي بندش،  قانوني ڪنيڪشن ڪٽڻ سميت سيپڪو وارھ جي زيادتين خلاف مختيار علي پنهور ، جي ايم وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته سيپڪو وارھ جي ڪرپٽ عملدارن لائين سپرنٽڊنٽ اسلم ابڙو ۽ لائين مين نيڪ محمد کوسو شھر ۾ ڪنڍا ڪنيڪشن جي آڙ ۾ آپريشن شروع ڪري سمورا قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آھن.

 هنن چيو ته شھر جي مک چوڪ ۽ مختلف پاڙن ۾ لڳل ٽرانسفارمرن جو لنڪون پڻ لاھي ڇڏيون آھن  جنھنڪري ڌنڌا متاثر ٿيڻ ڪري بجلي تي ڪاروبار ڪندڙ ڪيترائي شھري بيروزگار بڻجي ويا آھن.

 هنن مطالبو ڪيو ته ڪٽيل ڪنيڪشن بحال ڪيا وڃن ۽ ترت بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪراچي:وڪيل برادري جو اڳوڻي جسٽس کي نيب طرفان نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪراچي رجسٽري ۾ وڪيل برادري پاران  اڳوڻي هاءِ ڪورٽ جي جج سلمان حامد کي نيب  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے