13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ:قاضي احمد: مهربرادري جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جي بازيابي لاءِ احتجاج

* قاضي احمد ۾ مهر برادري پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر شيرمحمد مهر جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

  مهر برادري جي سوين ماڻهن  ۽  سول سوسائٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .

اشتياق مهر، رضوان مهر، ڏاڏو مهر ، سڪندر خاصخيلي  ۽  ٻين چيو ته انتظاميا جي نااهلي  سبب   شريف شهري ۽ وڏي آفيسر جي اغوا کي ايترا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به کيس بازياب ڪرائي نه سگهي آهي.

 هنن  چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي برادري جو ڪٺ ٿيو هيو ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو پر ايس ايس پي جي يقين دهاني تي ڌرڻو ملتوي ڪيو  پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميه طرفان تحرڪ نه وٺڻ کانپوءِ اڄ مجبور  ٿي احتجاج ڪيو آهي .

هنن مطالبو ڪيوته ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ترت بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے