15 ہفتہ , دسمبر 2018

بٽڻ دٻائڻ سان تبديلي نه ايندي، اسان کي وقت ڏنو وڃي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته ميڊيا کي قومي سلامتي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، خطي جي سلامتي ۾ اهم ڀائيوار آهيون، اسان کي پنهنجن کي خوش ڪرڻو آهي، ماضي ۾ قومي سلامتي کي اوليت نه ڏني وئي، ماضي ۾ حالتون خراب ٿيڻ کان اڳ ڇو اپاءَ نه ورتا ويا.  اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته دنيا اسان جي وجود کي تسليم ڪري، اسان لاءِ سڀ کان پهرين پاڪستان آهي، شڪاگو ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏوهن جي شرح آهي،  آمريڪي ميڊيا شڪاگو ۾ ڏوهن جي وڌيڪ شرح نه ڏيکاريندي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جي مداخلت آهي، مان پنهنجي پوليس آفيسر جو لاش وٺڻ سرحد تي ويندو آهيان، مون کي 2 ڪلاڪن تائين سرحد بيهاريو ويندو آهي، اسان جي موقف کي ڇو عالمي سطح تي پروموٽ نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جڏهن اٿندو ته ملڪ اٿندو،  بلوچستان جي ماءُ چوي ٿي ته جيڪڏهن منهنجا 100 پٽ به هجن ها ته  پنهنجي ملڪ تي قربان ڪيان ها. سندس چوڻ هو ته عيسائين سان ڀارت ۾ ڪهڙو ورتاءُ ٿيندو آهي سڀني کي خبر آهي. ممڪلتي گهرو وزير چيو ته  سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻو پوندو، هڪ هڪ پائي هڪ هڪ آني جو جواب ڏينداسين،  اها تبديلي ناهي ته بٽڻ دٻايو ۽ تبديلي نڪري آئي، اسان کي وقت ڏنو وڃي. شهريار آفريدي چيو ته جڏهن مان وڏن ماڻهن کي چئلينج ڪيو ته ٽرمپ جي ڪچن کي منهنجو رڌڻو بڻايو ويو،  مون تي باورچي خاني ۾ ٽائل هڻن جو الزام هنيو ويو، مان وزيراعظم وٽ وڃي چيو ته ايف آءِ اي ذريعي جاچ ڪرائڻ چاهيان ٿو،  ٻئي ڏينهن چيو ويو ته منهنجي خلاف وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  هن چيو ته اڄ روايتي سوچ جو زمانو آهي پر اسان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو، اسان پنهنجن کي خوش ڪرڻ بدران انگريزن کي خوش ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، پاڪستان هاڻي ڪنهن ئي جي نظرئي سان نه هلندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے