11 منگل , دسمبر 2018

ٽرمپ جي بيان بعد رڪارڊ درست ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽوئيٽ ڪيا: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان کانپوءِ  رڪارڊ درست ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان ٽوئيٽ ڪيا ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان  ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته  پاڪستان القاعده دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ  آمريڪا سان انٽيليجنس سهڪار ڪيو ۽ هاڻي آمريڪا  جي سڌو طالبان سان رابطن کان آگاهه آهيون، جنهن جي آجيان ڪريون ٿا. ڀارتي فوج جي سربراهه طرفان پاڪستان مخالف بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ايترو چئون ٿا ته سوچي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ايئن ڀارت طرفان نظر نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي انڊين اوشين نيول سمپوزيم ۾ ڄاڻي ٻجهي شرڪت جي دعوت نه ڏني.  سندس چوڻ هو ته  پاڪستان ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير جي بيان کي رد ڪري ٿو، ڀارت پنهنجي داخلي مسئلن ۾ پاڪستان جو نالو کڻي اليڪشن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته  پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ تازي ڀارتي اڳرائي جي مذمت ڪري ٿو، او آءِ سي طرفان به ڪيل مذمت جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته  يمن ۾ ٽياڪڙي جو معاملو نهايت حساس آهي پر ان تي ٿوڙي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ فلسطيني عوام سان اختيار ڪيل سلوڪ جي مذمت ڪريون ٿا.  وزيراعظم جي ملائيشيا جي دوري بابت پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته  ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، ان حوالي سان افغانستان کي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي آهي، پاڪستان ۾ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ نيب آفيسرن تي مختلف پابنديون لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب آفيس ورڪ دوران آفيسرن تي موبائل فون جي استعمال سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے