13 جمعرات , دسمبر 2018

عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي، فل بئنچ جوڙڻ جي سفارش

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ  داخل ڪيل درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ فل بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي ۽ فل بئنچ لاءِ سمري چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪلي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محمود مرزا درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان نواز  شريف جي حڪومتي دور ۾ عوام کي سول نافرماني لاءِ ڀڙڪايو،  درخواست آهي ته عدالت وزيراعظم کي آرٽيڪل  62 تحت نااهل ڪري.  عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته  هي معاملو اهم نوعيت جو آهي، فل بئنچ جوڙي وڃي، عدالت معاملي تي فل بئنچ جوڙڻ جي ٻڌڻي ڪندي سمري چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ  کي موڪلي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ گڏيل پاليسي آڻي رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ اسمگلنگ روڪڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے