15 ہفتہ , دسمبر 2018

فيض آباد ڌرڻو ڪيس: اٽارني جنرل جي غير حاضري تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اٽارني جنرل جي هڪ دفعو ٻيهر غير حاضري تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل رياست جو سڀ کان وڏو لا آفيسر آهي يا وزيراعظم جو ذاتي ملازم آهي، اسان توهان عدالت جو نوٽيس جاري ڪيون ٿا.  فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي گذريل ڏينهن ٻڌڻي تي به اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ جي طلب ڪرڻ تي پيش نه ٿيو جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حڪومت ڪيس کي نه ٿي هلائڻ چاهي ته عدالت کي ٻڌائي ڇڏي.  جسٽس مشير عالم جي سربرهايءَ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ فيض آباد ڌرڻي ۽ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  اٽارني جنرل هڪ دفعو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته اٽارني جنرل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ آهي. جسٽس قاضي فائز چيو ته اٽارني جنرل معاشيات جو ماهر آهي، اي سي سي جي اجلاس ۾ سندس ڪهڙو ڪم آهي، اٽارني جنرل رياست جو سڀ کان وڏو لا آفيسر آهي يا وزيراعظم جو ذاتي ملازم؟ اسان توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيون ٿا. معزز جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل ۽ ججن سميت هر ڪو رياست جو ملازم آهي، ڇا وزيراعظم  سپريم ڪورٽ کان مٿڀرو آهي، وزيراعظم اٽارني جنرل کي چيو  ۽ اڳيان ٿي هلي پيو، اٽارني جنرل کي وزيراعظم کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي، اٽارني جنرل کي وزيراعظم سان معذرت ڪرڻ گهرجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے