12 بدھ , دسمبر 2018

نواز شريف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪو به يوٽرن نه هوندو: احسن اقبال

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف ڪو معمولي ڪارڪن ناهي،  جڏهن هو ڳالهائيندو ته يوٽرن نه هوندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته 2013ع ۾ دنيا  پاڪستان کي خطرناڪ ملڪ قرار ڏيندي هئي  پر اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان بهادري سان دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. هن چيو ته  اسان ثابت ڪيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن سان توانائي جي بحران کي شڪست ڏئي سگهي ٿو، اسان جي ڪاميابي کي عمران خان جي نگراني ۽ قيادت ۾ هڪ سياسي سازش تحت ناڪام ڪيو ويو. احسن اقبال چيو ته  اسان جي حڪومت پنج سال ترقي جو سفر ڪيو آهي، هن وقت حڪومت پاڪستان بابت دنيا ۾ ناڪاري واويلا شروع ڪئي آهي، عمران خان چوي ٿو ته سي پيڪ جي منصوبن ۾ ڪرپشن ٿي، چين وڃي هن سي پيڪ جو قصيدو پڙهيو ۽ پاڪستان اچي سي پيڪ تي گند اڇلائيندا آهن. احسن اقبال چيو ته اسان جا هٿ صاف آهن، اسان توهان جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون،  جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته پنهنجي ناڪامين کي اسان جي گرفتارين سان لڪائيندا ته اها توهان جي ڀل آهي، اسان توهان کي لڪڻ نه ڏينداسين، قوم کي ٻڌائينداسين ته اناڙي اناڙي ئي هوندو آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو پهاڙ عوام تي ڪيرايو ويو آهي، جنهن ۾ حڪومت جي ناتجربيڪاري آهي. هن چيو ته 2 مهينا اڳ عمران خان چوندو هو ته آپگهات ڪندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس، ڇا 2 مهينا اڳ کيس درآمد جي انگن اکرن جي خبر نه هئي، عمران خان قرض وٺي رهيو آهي ته سندس پلان بي ڪهڙو آهي. احسن اقبال چيو ته هو قوم کي دوکو ڏئي رهيو آهي هن، قوم کي دوکو ڏئي ڪهڙو مقام حاصل ڪيو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عمران خان جا 100ڏينهن يوٽرن ثابت ٿيا،  اسان کين حڪومت ڪرڻ ڏيڻ چاهيون ٿا،  قوم روزاني سندس يوٽرن جي قيمت ادا ڪري رهي آهي. احسن اقبال چيو ته  نواز شريف توهان سامهون بيهي ڳالهائي رهيو آهي، اسان سڀ نواز شريف آهيون، نواز شريف ڪو معمولي ڪارڪن ناهي،  جڏهن هو ڳالهائيندي ته يوٽرن نه هوندو. هن چيو ته هي پهرين اپوزيشن آهي جيڪا حڪومت کي چئي پئي ته ڪم ڪيو پر حڪومت ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سندس چوڻ هو ته جنهن به ملڪي ناڻي جي ڦرلٽ ڪئي تنهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ شفاف احتساب جو نظام قائم ٿيڻ گهرجي، اسان جو اهو موقف پنج سال پراڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے