10 پیر , دسمبر 2018

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو فيصلو ڪندي مونس الاهي کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.  حڪمران پارٽي طرفان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي کي صنعتن وارو وزيربڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  مونس الاهي وزيراعظم عمران خان ۽ جهانگير ترين سان ملاقاتون به ڪيون جڏهن ته پرويز الاهي به گذريل ڪجهه عرصي کان ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت سان ملاقاتون به ڪري رهيو آهي پر پارٽي کيس گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو باضابطا اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ پارٽي قيادت طرفان ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪونگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے