11 منگل , دسمبر 2018

پاڪستان طرفان ڪرتارپور ڪوريڊور جي اڏاوت شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هلندڙ مهيني جي آخر  ۾ ڪرتاپور ڪوريڊور جي اڏاوت شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان منصوبي جو افتتاح ڪندو. متروڪه وقف املاڪ  بورڊ جي اختيارين ٻڌايو آهي ته پاڪستان هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڪرتا پور ڪوريڊور جي اڏاوت تي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڏاوتي منصوبي جو افتتاح وزيراعظم عمران خان ڪندو پر ان حوالي سان ڪا آخري تاريخ مقرر نه ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت سميت سڄي دنيا مان سک ياتري گرو نانڪ ديو جي جو 549 هون جنم ڏينهن ملهائڻ پاڪستان آيا آهن، پاڪستان ان موقعيتي کيس اهو تحفو ڏيڻ چاهي ٿو،  ان مقصد لاءِ ڪوششون جاري آهن ته جيئن سک ياترين جي پاڪستان ۾ قيام دوران ڪو تڪرار فائنل نه ڪيو وڃي ۽ ان ڏينهن پاڪستاني حدن ۾ ڪرتارپور ڪوريڊور جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. متروڪه وقف املاڪ جي اختيارين موجب اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڀارت به ڪوريڊور تي راضي ٿي وڃي ته پوءِ ايندڙ سال گرو نانڪ ديو  جي 550 جنم ڏينهن کان اڳ ئي ڪوريڊور جي اڏاوت مڪمل ٿي ويندي ۽ ڪوريڊور جو گهڻو  حصو اڍائي ڪلوميٽر جو فاصلو پاڪستان ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے