22 پیر , اپریل 2019

هوائي آلودگي کي ناسن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ وارو فلٽر تيار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ هوائي آلودگي سان هوا جو معيار انتهائي خراب ٿي چڪو آهي چين، ڀارت سميت پاڪستان جي ڪيترن شهرن ۾آلودگي جي ذرڙن جو مقدار گهڻو وڌي چڪو آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ امريڪي ماهرن هڪ سستو ۽ انتهائي ڪارائتو فلٽر تيار ڪيو آهي جنهن جي قيمت 10 ڊالر 1400 سئو رپيا پاڪستاني رپيا آهي، “او ٽو نوز فلٽر ” ربڙ جي نرم پيڊز جي طرح آهي جيڪو ناسن ۾ لڳايو ويندو ۽ ٻاهران ڏسڻ ۾ نه ايندو، هي آلودگي جي اثرن کي ڦڦڙڻ تائين پهچڻ کان روڪيندو، ان کان سواءِ دونهين ۽ هوا ۾ جمع ذرا، الرجي جي سبب ٺهندڙ آلودگي 90سيڪڙو مقدار کي نڪ ۾ وڃڻ کان روڪيندو آهي، جڏهن ته هن مان بيڪٽيريا گذري نه سگهندا، فلٽر برق سڪوني(اليڪٽرو اسٽيٽڪ) انداز ۾ ڪم ڪندو، جنهن کي مسلسل 12 ڪلاڪل تائين پائي سگهجي ٿو، ڪمپني ان جي وڌيڪ تفصيل ناهي ڏني هي فلٽر 12 ڪلاڪ کان پوءِ ناڪارا ٿي ويندو ۽ هن جي هڪ پيڪٽ ۾ 10 فلٽر هونداآهن، اسان جي شهرن ۾ هوائي آلودگي خوفناڪ حد تائين وڌي چڪي آهي ۽ سموري دنيا ۾ هر سال 90 لک ماڻهو هوائي آلودگي جي سبب فوت ٿي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناسا جي پلينٽ هنٽر 53 نوري سالن جي مفاصلي  تي زمين جيترو سيارو ڳولي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 53 نوري سال پري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے