11 منگل , دسمبر 2018

ڀارتي ڪابينا پاڪستاني سرحد تائين ڪرتارپور منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪابينا سک ياترين جي پاڪستان ۾ موجود مقدس هنڌ تائين سولائي سان پهچڻ لاءِ پاڪستاني سرحد تائين راهداري ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  سک ياترين کي پاڪستاني حدن  ۾ موجود پنهنجي مقدس هنڌ تائين پهچڻ تائين پهچڻ لاءِ لاهور رستي نارووال اچڻو پوندو هو ته جتي سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي مزار آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت جي هيٺ ڪابينا جي اجلاس دوران ڪرتاپور راهداري منصوبي جي اڏاوت جي منظوري ڏني وئي جنهن تحت ڀارت پاڪستان جي سرحد تائين پنهنجي حدن ۾ سک ياترين  لاءِ روڊ جي اڏاوت ڪندو. ڪابينا جي گڏجاني بعد گهرو وزير راج ناٿ سنگهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راهداري رٿا 3 کان 4 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي جنهن ذريعي سک ياتري سڄو سال آساني سان ننڪانه صاحب وڃي سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ ڪير به پاڪستان کي ڊو مور نه چوندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو مملڪتي وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته هاڻ هن ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے