15 ہفتہ , دسمبر 2018

اقتصادي رابطا ڪميٽي طورخم سرحد تان ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اقتصادي رابطا ڪميٽي طورخم سرحد تان ڪپهه درآمد ڪرڻ ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي فوتي ملازمن جي وارثن کي بقايائن جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي.  اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر جي سربراهيءَ ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اي سي سي پاڪ افغان طورخم سرحد ذريعي ڪپهه درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي ان حوالي سان پاڪستان ۾ ڪپهه جي فصل تي ناڪاري اثرن بابت شرطن تي عملدرآمد جي به هدايت ڪئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز جي فوتي ٿيل ملازمن جي پراويڊنٽ فنڊ، گريجويٽي ۽ ٻي بقايا جي مد ۾ هڪ ارب  6 ڪروڙ 60 لک رپيه جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن کي 2 لک ٽن ڪڻڪ پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن کي وڪرو ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي، پاڪستان پولٽري ايسوسيئشن کي ڪڻڪ 1300 رپيه في مڻ جي حساب سان وڪرو ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے