13 جمعرات , دسمبر 2018

چيني قونصل خاني تي حملو ۽ ڪجهه تلخ حقيقتون …

ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي جتي ٿيندڙ هر عمل جو مثبت يا منفي اثر نه فقط شهر تي پوي ٿو پر ان سميت ان عمل جو اثر سڄي سنڌ ٿي پڻ پوي ٿو   جڏهن ته  ملڪ جي باقي صوبن تي به ان جو اثر پوي ٿو جو ٻين صوبن جا ماڻهو به وڏي انگ ۾ ڪراچيءَ ۾ مقيم آهن. ڪراچيءَ جي صنعتي شهر ۽ اقتصادي مرڪز هجڻ ڪري ان جو اثر پنجاب تي وڌيڪ پوي ٿو جو صنعتي ۽ اقتصادي حوالي سان پنجاب ٻين صوبن کان اڳتي آهي، ڪراچي شهر ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان جهڙوڪر بدامني،  بم ڌماڪن ۽ دهشتگرديءَ جي واقعن جي وري شروعات ٿي وئي آهي، ڪجهه هفتا اڳ قائد آباد ۾ ڊي سي آفيس جي ڀرسان هڪ زوردار بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان پڻ ٿيو هو، ان بعد شهر ۾ ننڍيون وڏيون ٻيون به ڪارروايون ٿينديون رهيون آهن جڏهن ته ان سلسلي ۾ وڏي ڪارروائي گذريل ڏينهن شهر جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ موجود چيني قونصليٽ تي هٿيار بندن جي حملي جي صورت ۾ ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ست ڄڻا مارجي ويا جن ۾ ٽي حملو ڪندڙ ٻه عام شهري ۽ ٻه پوليس اهلڪار شامل آهن جيڪي چيني قونصل خاني تي ڊيوٽي تي مقرر هيا.

حملي متعلق ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ پريس کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ( جمع ڏينهن ) صبح جو هڪ گاڏي چيني قونصل خاني پهتي ۽ عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏيءَ ۾ موجود هٿيار بندن سڀ کان پهريان دستي بم سان ڌماڪو ڪيو ۽ ان بعد هُنن عمارت اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهيءَ دوران قونصل خاني جي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ حملي آورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي، نتيجي ۾ ست ڄڻا مارجي ويا جن ۾ ٽي حملي آواز پڻ شامل آهن. قونصليٽ تي حملي جي اطلاع تي سرڪاري عملدارن مان سڀ کان پهريان ڪلفٽن ٿاڻي جي اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ پوليس سهائي عزيز ٽالپر پوليس عملي سان پهتي ۽ هُن حملي آورن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي دهشتگرديءَ جي وڏي ڪارروائيءَ کي ناڪام بنائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، سندس اهڙي جرئت تي سرڪاري ۽ سولين حلقن مان کيس جس ۽ شاباسون ملي رهيون آهن،

چيني قونصليٽ تي حملي جي ذميواري بلوچ علهدگي پسند تنظيم، بلوچ لبريشن آرميءَ قبول ڪئي آهي، اهڙي قبوليت بلوچ لبريشن آرميءَ جي ترجمان جيئند بلوچ بي بي سي کي فون ڪري ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته اهڙو حملو بلوچ لبريشن آرميءَ جي مجيد برگيڊ ڪيو آهي جنهن ۾ برگيڊ جا ٽي ميمبر شامل آهن، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هي حملا چين لاءِ تنبيهه آهن ته هو سي پيڪ جي حوالي سان اسان جي زمين ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش نه ڪري نه ته ان کان وڌيڪ سخت ڪارروايون ٿي سگهن ٿيون.

هلندڙ سال پاڪستان ۾ چين جي سفير زياوزنگ چيو هو ته بلوچستان ۾ متحرڪ بلوچ مزاحمتي تحريڪ هاڻي نه ئي پاڪستان ۽ نه ئي وري چين ۽ سي پيڪ لاءِ ڪو خطرو آهي، پاڪستان هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهي. وزيراعظم عمران خان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ هُن حملي کي پاڪستان چين اقتصادي راهداري ( سي پيڪ ) جي خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ جي منصوبي کي ناڪام بنائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام بڻايون وينديون.

ملڪ جنهن اقتصادي ۽ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، اهڙي نازڪ صورتحال ۾ امن امان جي صورتحال جو بگڙجڻ هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي جنهن جي بگڙجڻ سان ملڪ جي سماجي ۽ سياسي صورتحال تي اثر پوڻ اڻٽر آهي، سي پيڪ جي حوالي سان تڪلفن جو اظهار ڪيئي ڌريون ۽ پارٽيون ڪنديون رهيون آهن، جن جو اهو واضع چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبي ۾ سندن صوبن ۽ عوام کي فقط نقصان ئي نقصان آهي، هو اهڙو موقف ڪيترن پيلٽ فارمن تي رکنديون رهيون آهن، خاص ڪري سوشل ميڊيا تي هڪ مهم جي صورت ۾ سندن نقطئه نظر عوام جي سامهون ايندو رهيو آهي، پڪ سان اهڙو نقطه نظر ارباب اختيار تائين پڻ پهچندو هوندو، ۽ موجوده صورتحال اهو ٿي ٻڌائي ته انهن تڪليفن ۽ مطالبن تي هيل تائين ڪو به توجهه نه ڏنو ويو آهي، نه ته هوند اهڙا واقعا بلڪل به نه ٿين ها.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، تنهنڪري ملڪي سطح تي جيڪي به ترقياتي عمل ٿين ٿا انهن ۾ سڀني صوبن ۽ سڀني صوبن جي عوام کي هڪ جيترا فائدا ملڻ گهرجن جو اهو سندن آئيني حق آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيندو ته پوءِ اهڙي عمل کي ناانصافيءَ سان ڀيٽ ڏئي سگهبي ۽ ظاهر آهي پوءِ ناانصافيءَ جا نتيجا ڪي بهتر نه نڪرندا، ڪراچيءَ ۾ چيني قونصليٽ تي حملو ڀرپور نموني مذمت جوڳو آهي، ڇو جو چين پاڪستان جو نه صرف هڪ ويجهو دوست ملڪ آهي پر ان سان گڏ ڪيترين  مشڪل حالتن ۾ چين پاڪستان جو مددگار رهيو آهي، بلوچ لبريشن آرميءَ پاران چيني قونصليٽ تي ڪيل حملو ڪنهن به نموني جسٽيفائڊ نه آهي، اسان هن مرحلي تي نه فقط اهڙي حملي جي مذمت ڪنداسين پر پاڪستان جي انهن سمورين اختيارين کي صلاح ڏيڻ به چاهينداسين ته هو سي پيڪ جي حوالي سان بلوچ عوام جون جيڪي به تڪليفون ۽ خدشا آهن اهي دور ڪن ۽ چين سرڪار کي پڻ اها ئي صلاح آهي ته پنهنجي ڪن ترقياتي منصوبن ۾ انهن علائقن جي ماڻهن جي نمائندي يقيني بڻائي جن علائقن ۾ اهي منصوبا جاري آهن ڇو جو گذر سفر جو سڀ کان وڌيڪ ۽ پهريون حق انهن علائقن جي ماڻهن جو آهي.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ جاري اقتصادي ۽ معاشي سرگرمين جو سلسلو جاري رهي ۽ ملڪ ترقي ڪري معاشي بحران مان ٻاهر نڪري.

ڇنڇر 24 نومبر 2018ع، 15 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے