13 جمعرات , دسمبر 2018

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿورن ٿورن ڏينهن، هفتن يا مهينن بعد سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ ڪن به ٻن برادرين يا قبيلن جي وچ ۾ يا وري ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي قبيلي جي ٻن ڌرين وچ ۾ افسوسناڪ جهيڙا ٿين ٿا جن ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ جديد هٿيارن جو استعمال پڻ عام جام ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

اهڙا قبيلائي جهڙا سنڌ جي شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، جيڪب آباد وارن علائقن ۾ اڪثر ٿين ٿا جڏهن ته سنڌ جي اهڙن علائقن ۾ پڻ ٿين ٿا جتي جي آبادي شهري علائقن کان پر ڀري آهي. قبيلائي جهيڙن ۾ جيڪي قبيلا اڪثر ڪري ملوث رهن ٿا انهن ۾ افسوس سان ٻروچ / بلوچ نسلن جا قبيلا آهن، منهنجن ٿيندڙ جهڙا ايترين ته ننڍڙين ڳالهين تي ٿيندا آهن جيڪي بنهه غير اهم ۽  معمولي نوعيت جون  هونديون آهن، جيڪڏهن انهن قبيلن جي ماڻهن وٽ ٿوري به تعليم ۽ برادشت هُجي ته هوند اهي جهڙا ئي نه ٿين جن ۾ سوين معصوم ماڻهو موت جو کاڄ ٿي وڃن ٿا.

تازن قبيلائي جهيڙن جي حوالي سان اطلاع آهن ته  ڀٽ شاهه جي پوسٽ آفيس واري علائقي ۾ قمبراڻي برادريءَ جي ھٿياربندن معرفاڻي برادريءَ جي هڪ همراهه کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ ان بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب هڪ ٻيو همراهه پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس پهچي رورل هيلٿ سينٽر ڀٽ شاهه پهچايو، ڀٽ شاهه ۾ واقعي بعد ان جي رد عمل طور تي ڳڙھي ياسين ۾ پڻ ڪافي ڇڪتاڻ ٿي جو ٻنهي ڌرين ۾ اهڙو تڪرارا شڪارپور ضلعي ۾ 12 سال اڳ شروع ٿيو هو. جنهن ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 116 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن

2006ع ۾ طوطي معرفاڻي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ معرفاڻي- قمبراڻي تڪرار ۾ مارجي ويل 108 ماڻھن جو 2009 ۾ سرڪٽ ھائوس شڪارپور ۾ سردارن مير منظور پنهور، سردار يار محمد رند، سردار علي گوهر مهر، سردار همت علي ڪماريو، مير بابل ڀيو ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾  نبيرو ڪرايو ويو هو جنهن دوران ڌرين جا خون خونن ۾ پاڙڻ کانپوءِ قمبراڻين مٿان 13 خون وڌيڪ ثابت ٿيا هئا، جن جي رقم نه ڏيڻ ۽ وري ٻيهر پئسن عيوض معرفاڻين جا 3 ماڻھو قتل ڪرائڻ جي الزام کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آھي، ضلعي اندر قبيلائي جھيڙن ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آهن، 35 کان وڌيڪ برادرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرارن ۾ 350 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن ڪري نه صرف معصوم ماڻهن جو قتل عام ٿئي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ سوين عورتون بيوهه ۽ هزارن جي انگ ۾ معصوم نياڻيون ۽ پٽڙا يتيم ٿين ٿا، جن علائقن ۾ قبيلائيتڪرار ٿين ٿا انهن علائقن جي سموري ترقي، تعليم، زراعت، سماجي زندگي جهڙوڪر ختم ٿي وڃي ٿي، خوف ۽ هراس جي مسلسل رهڻ ڪري ان علائقي جا ماڻهو ڪيترن ئي ذهني مونجهارن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ۽ جن برادرين ۽ قبيلن جي وچ ۾ جهيڙو ٿئي ٿو ان بعد انهن برادرين ۽ قبيلن جي ماڻهن جي نصيب ۾ ڪورٽن، ٿاڻن ۽ اسپتالن جا رستا ۽ خرچ لکجي وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو انهن جي مڪمل معاشي، تعليمي ۽ سماجي تباهيءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو.

سوال هي نه آهي ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئي ڏهاڪن کان شروع آهن، سوال هي آهي ته سماج جو مجموعي طور تي انهن طرف رويو ڪيئن آهي، ملڪ جي سياست ۽ سياسي ادارا ان کي ڪيئن ٿا ڏسن ۽ سماج جا ساڃاهه وند اهڙن جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ٿا ڪن، پر ان کان وڌيڪ اهم سوال هي آهي ته اهي قبيلائي جهيڙا جڏهن شروع ٿين ٿا ته انهن کي شروع ٿيندي ئي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي عملداريءَ ۾ ڪهڙا اپاءَ ورتا ٿا وڃن.

اسان جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل مجموعي صورتحال جي پس منظر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي ڪافي مايوسي ٿيندي ڇو جو اهڙن قبيلائي جهيڙن جي بنيادي سببن ۾ هڪ سبب اهو به آهي ته شروع ۾ ٿيندڙ جهيڙن جي نتيجي ۾ عدليه پنهنجو ڪردار موثر نموني ادا نه ٿي ڪري ۽ متاثر ڌر کي ملندڙ انصاف ۾ دير سبب رد عمل ۾ هڪ ٻيو جهيڙو ٿئي ٿو، اها ڳالهه به مشاهدي ۾ آئي آهي ته مجموعي طور تي معاشري جي سياست ۽ سياسي ادارا به ڪو موثر ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگهن نه ئي اهڙن جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪا قانون سازي ٿا ڪن ۽ نه ئي سماجي سطح تي اهڙن جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪا مهم هلائي ٿي وڃي.

ٻئي پاسي وري سول سوسائٽيءَ جي حوالي سان پڻ اها ڳالهه افسوس جهڙي آهي ته سول سوسائٽي پڻ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، اسان ماضيءَ ۾ اها ڳالهه پڻ ڏسي چڪا آهيون ته سنڌ جي سياسي اڳواڻن جي حلقي مان بشير خان قريشي منٿ ميڙ قافلي جي صورت ۾ ڪيترن ئي قبيلن جي وچ ۾ صلح ڪرايا جيڪي اڄ تائين قائم آهن.

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي حوالي سان سنڌ جو هر ساڃاهه وند انتهائي رنجيده آهي ۽ اسان پڻ سوڳوار آهيون جو انهن جهيڙن جي نتيجي ۾ سوين معصوم ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن.

اسين سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي سياسي قيادت ڪندڙ ڌرين کي ڀلي اقتدار ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ هجن کين گذارش ڪنداسين ته قبيلائي جهيڙن جي خاتمي جي حوالي سان قانون سازي ڪن ۽ هر اهو قانوني رستو اختيار ڪن جيڪو قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائي، ان ڏس ۾ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اهڙن جهيڙن جا جيڪي سرداري سطح تي فيصلا ٿين ٿا اهي مجموعي طور تي انهن جهيڙن کي وقتي طور تي ماٺو ڪري وري ڪا نئين خونريزيءَ لاءِ ماحول سازگار ڪن ٿا، اهڙن سرداري فيصلن تي پڻ پابندي مڙهي اهي سمورا ڪيس عدالت تائين پهچايا وڃن، ان سلسلي ۾ اسان سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين ۽ اڳواڻن سميت سمورن اديبن، دانشورن ۽ سول سوسائٽيءَ کي پڻ گذارش ڪنداسين ته هو قبيلائي جهيڙن جي خاتمي جي حوالي سان ڪي مثبت اپاءَ وٺن ته جيئن سنڌ ڪو سک جو ساهه کڻي ۽ سماج لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جا دڳ کلن،

آچر 25 نومبر 2018ع، 16 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے