13 جمعرات , دسمبر 2018

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو آهي، اهڙو برو حشر شايد ئي سنڌ جي تاريخ ۾ ٿيو هُجي،  ربيع ۽ خريف جي فصلن لاءِ پاڻيءَ جي اڻ هوند آهي، جي آڳاٽي ۽ پاڇاٽي پاڻيءَ تي فصل ٿي به وڃن ته انهن فصلن لاءِ ڪو ملهه ئي ڪونه ملندو ۽ جي ملهه ملي وڃي ته وري پئسا نه ملن ۽ جي آبادگارن کي پئسا وٺڻا هجن ته وري عدالتن جون حاضريون ڏيڻيون پونديون، سنڌ جي زرعي معيشت ۽ سنڌ جي آبادگارن سان اهڙي جٺ هاڻي ته اهو پئي ٻڌائي ته سنڌ جي زرعي معيشت جي تباهي ڪنهن منصوبي سان ڪئي پئي وڃي.

سنڌي سماج مجموعي طور تي ايڪويهين صديءَ ۾ جيئندي به هڪ زرعي سماج طور تي زندگي گذاري رهيو آهي، افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته هاڻي سنڌ ۾ زرعي سماج ۽ صنعتي سماج وچ ۾ ڪا وٿي به نه رهي آهي، سنڌ جي وڏن شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ ڪو مفاصلو ئي نه رهيو آهي، مواصلات جي ذريعن ۽ آمدرفت جي وسيلن ڪري هاڻي اهو ممڪن ٿي ويو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ ، ڀاڄين، بهن، پليءَ ۽ مڇي کي هر روز جي بنياد تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مارڪيٽ تائين پهچائي خوشحاليءَ جا سو در کولي سگهجن ٿا، کير مکڻ ۽ گيهه کي ڪراچيءَ جي گهر گهر تائين پهچائي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ پيدا ٿيندڙ وکر کي ڪراچيءَ ۾ وڪرو ڪري مالدار ٿي سگهجي ٿو، جڏهن پنجاب جي شهرن جو مکڻ، کير ۽ سبزيون ڪراچيءَ ۾ وڪرو ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ سنڌ جي ڳوٺن جو وکر ڪراچيءَ شهر ۾ ڇو نه ٿو کپائي سگهجي؟.

پر ان سلسلي جي سڀ کان وڏي بدنصيبي اها آهي سنڌ جي آبادگارن کي ربيع ۽ خريف جي ڪمائتن فصلن جهڙوڪر ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه، سارين ۽ سبزين ٽمامن. بصرن، پٽاٽن جو ئي ملهه نه ٿو ملي ته ساين سبزين جي ڳالهه ته پري جي آهي، اسان گذريل ڪيئي سالن کان سنڌ ۾ آبادگارن سان جيڪا جٺ ٿيندي ڏسي رهيا آهيون ان جٺ جو هڪڙو به حصو جيڪڏهن پاڪستان جي ٻي ڪنهن صوبي جي آبادگار سان ٿئي ها ته هوند ڌرتي ۽ آسمان ٽامو ٿي وڃن ها، اسان گذريل سالن ۾ اهو پڻ ڏسي چڪا آهيون ته ڪمند جي آبادگارن جو ڪمند سڪندي سُڪي ويو پر شگرمل مالڪن انهن کان مناسب اگهه تي ڪمند نه خريد  ڪيو ۽ نه ئي وري وقت تي شگر ملز جي چمنين کي چالو ڪيو، اڄ به اها ئي صورتحال آهي وري سنڌ جا آبادگار احتجاج ۾ آهن.

ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اڃان تائين ڪمند جي اگهه ۽ شگر ملون چالو ٿيڻ وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، ڪمند جي سيزن دوران ڪمند جي اگهه وارو معاملو حل نه ٿيڻ ڪري ڪمند جي آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسندو. سنڌ ۾ 38 شگر ملن مان 4 شگر ملون خراب ٿيل آهن، جڏهن ته 34 شگر ملن مان صرف ٻن ملن چمنيون ٻاري ڇڏيون آهن، اڃان به 32 شگر ملن چمنيون نه ٻاريون آهن، شگر ملن جا مالڪ ڪمند جو اگهه 130 رپيا ڏيڻ واري ضد تي قائم آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته آبادگارن کي 1996ع ۾ 130 رپيا في مڻ ڪمند جو اگهه ڏنو ويو  هو، ان وقت يوريا ڀاڻ جي ٻوري 600 رپيا هئي، جڏهن ته هاڻ 2018ع جو سال هلي رهيو آهي ۽ هن وقت ڀاڻ، دوائن جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪمند جو اگهه 200 رپيا مڻ نه ملڻ آبادگارن کي تباهه ڪرڻ سان گڏ هٿ وٺي اها سازش بڻائي پئي وڃي ته سنڌ ۾ ڪمند پوکجڻ ئي بند ٿي وڃي. اها سڌي سنئين سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاسما شگر مل مالڪن کي ڪمند جو اگهه 200 رپيا مقرر ڪرڻ لاءِ اڃان تائين حتمي طور ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي آهي، ڪراچيءَ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ کانپوءِ سنڌ حڪومت توڙي سنڌ جي زراعت وارو وزير بلڪل خاموش بڻيل آهن.

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال سمورو احوال واضع ٿي ڪري ڇڏي ته سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن سان ڪهڙو حشر ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي زراعت سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، آبادگار ايترا ته مجبور آهن جو اهي شگرملون هلرائڻ لاءِ بار بار سنڌ حڪومت جي در تي دانهين ٿا ۽ وري سنڌ حڪومت ۽ زراعت واري وزارت ايتري قدر ته مجبور آهن جو اهي ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن، پيش نظر صورتحال پڻ ڪيئي سوال اٿاري ٿي ۽ سنڌي عوام کي اهي سوال ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري ڇڏي ته آخر ڪار اهي ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ جي زرعي معيشت سان اهڙي ويڌن ڪئي پئي وڃي، آخر ڪار اهي ڪهڙيون قوتون آهن جن جي عمل ڪري سنڌ جي آبادگارن کي نه ته ربيع جي فصلن جا اگهه ٿا ملن ۽ نه ئي خريف جي فصلن جو ملهه ٿو ملي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ٿه ان جو آخرين نتيجو سنڌ جي زرعي معيشت جي تباهيءَ جي صورت ۾ ئي نڪرندو.

جڏهن ته پاڪستان جي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب جنهن جي معيشت جو هڪ وڏو حصو اڃان به زرعي ميعشت تي مدار رکي ٿو اتي اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه نه پئي ٿئي، ڪمند لٿو ناهي، مليون هليون ناهن ۽ کنڊ تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهتي نه آهي واري صورتحال آهي جڏهن ته سنڌ ۾ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي.

اسان جو اهو پڪو خيال آهي ته سنڌ جو ڪو به ۽ ڪهڙو به مسئلو هُجي ان جي حل لاءِ حڪومت ذميوار آهي، ڇو جو حڪومت هوندي ئي ان لاءِ آهي ته اسيمبلين اندر قانون سازي ڪري ۽ اسيمبلين کان ٻاهر خدمت ڪري عوام جا مئسلا حل ڪري، جڏهن ته سنڌ جي معاملي ۾ اهڙي ڪابه پيش رفت ڏسڻ ۾ نه اچي، جنهن ڪري هڪڙو ئي سوال اڀري اچي ٿو ته آخر ڪار سنڌ جا آبادگار ڪنهن جي در دانهين، اسان ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي فقط پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ جي گذارش ئي ڪري سگهون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے