15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪ – اميريڪا ناتا: عشق کان انجام تائين

(ڪراچي رپورٽر) چين پاڪ راهداري معاهدي کان پوءِ دعوا ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ کير جون نديون وهنديون.پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو. چين سرمائيدار ملڪ جي حيثيت ۾ پنهنجن مفادن کي وڌيڪ ترجيع ڏيندو.پاڪستان جي معشيت ورلڊ بينڪ جي قرضن جي محتاج آهي، چين راهداري کان پوءِ امريڪا پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو .چين ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر خطي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو . ملڪ کي مذهبي رياست ختم ڪري فلاحي رياست طور هلائڻو پوندو.ليکڪ دانشوار امان الله شيخ چين راهداري جي ڪري امريڪا پاڪستان تي ڪاوڙيل آهي.پاڪستان هميشه ايڊهاڪ بنيادن تي هليو آهي.امريڪا پاڪستان دوستي هميشه آمريت دور ۾ رهي آهي.امريڪا پاڪستان دوستي جو فائدو رڳو اسٽيبلشمينٽ کي مليو آهي. امريڪا پاڪستان ۾ جهموري نظام جي ڪڏهن به حمايت ناهي ڪئي. 60 واري ڏهاڪي ۾ روس به گوادر ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي هئي،پر ان کي رڌ ڪيو ويو. پروفيسر وحيده مهيسر اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ ۽ پروفيسر وحيده مهيسر ڪيو. ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو ته پاڪستان ٺهڻ وقت پاڪستان سويت يونين کان وڌيڪ امريڪا سان لاڳاپا رکڻ کي ترجيح ڏني.پاڪستان جي سڄي معشيت ورلڊ بينڪ جي قرضن جي محتاج آهي.ملڪ جون پاليسيون سرمائيدار ملڪن جي قرضن تي هلي رهيون آهن، ڀارت جا سعودي عرب ۽ امريڪا سان ٿيل معاهدن کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي آهي.امريڪا چين راهداري کان پوءِ پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.امريڪا اهو سمجهي ٿو ته پاڪستان کي سول ۽ ملٽري حڪمران هلائي رهيا آهن.اداران جي تقدس تائين پاڪستان مسئلن جو شڪار رهندو.چين راهداري معاهدي کان پوءِ دعوا ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ کير جون نديون وهنديون.پر چين سرمائيدار ملڪ جي حيثيت ۾ پنهنجن مفادن کي وڌيڪ ترجيع ڏيندو.ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر چين هن خطي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي شروع کان ايڊهاڪ بنيادن تي هلي آهي.سياسي پارٽين کي عوام دوست پاليسون ٺاهڻ جي ضرورت آهي.مذهب جي بنياد تي ٺهيل پاليسيون ناڪام ثابت ٿيون.موجوده وقت ۾ پاڪستاني رياست اندروني بحران جو شڪار آهي.رياست کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عوام دوست پاليسين جي ضروروت آهي.ملڪ کي فلاحي رياست طور هلائڻ گهرجي. پروفيسر وحيده مهيسر چيو ته چين راهداري جي ڪري امريڪا پاڪستان تي ڪاوڙيل آهي.پاڪستان هميشه ايڊهاڪ بنيادن تي هليو آهي.امريڪا جي پاڪستان سان دوستي هميشه آمريت دور ۾ رهي آهي.جنهن سان چونڊيل حڪومتون ڪمزور ٿيون آهن. امريڪا پاڪستان ۾ جهموري نظام جي ڪڏهن به حمايت ناهي ڪئي.ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جهموري نطام کي هلڻ ناهي ڏنو .جنهن جي ڪري سياسي قوتون هميشه ڪمزور رهيون آهن.ملڪ کي شروع کان وٺي ملٽري اسٽيبلشمينٽ هلائي رهي آهي.60 واري ڏهاڪي ۾ روس به گوادر ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي هئي.ستر سالن ۾ پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري نه ٿي سگهي آهي.امريڪا پاڪستان دوستي جو فائدو رڳو اسٽيبلشمينٽ کي مليو آهي.پاڪستان شروع کان رڳو امريڪا تي ڀاڙيو آهي.پر پاڙيسري ملڪن سان ويجهڙائي نه هجڻ ڪري اڄ پاڪستان اڪيلو ٿي چڪو آهي. جيستائين ماڻهو پنهنجي حقن کان واقف نه ٿيندو تيستائين ڪنهن به تبديلي جي اميد نٿي ڪري سگهجي.پاڪستان کي پنهنجين پاليسين تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي.مذهب جي بنياد تي ملڪ ٺهيو پر مذهبي طريقي سان هلي نٿو سگهي. پاڪستان اسلامي رياست بدران فلاحي بنيادن تي ئي هلي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے