19 ہفتہ , جنوری 2019

پاڪ فوج سڀ کان متحرڪ ٽيڪس جمع ڪرائيندڙ ادارو آهي: ايف بي آر اختياريون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج سڀ کان متحرڪ ٽيڪس جمع ڪرائيندڙ ادارو آهي.  ايف بي آر جي ٽيڪس سهولتن واري ميمبر ڊاڪٽر حامد عتيق جو ميڊيا سان غير رستي ڳالهه ٻولهه ڪندي چوڻ هو ته بري فوج مان ماهوار 39 ڪروڙ 30 لک رپين جو ٽيڪس گڏ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جو ٽيڪس ريٽرن مقرر تاريخ کان هڪ مهينو پهرين آئي. حامد عتيق چيو ته پاڪ فوج ٽيڪس جمع ڪرائيندڙ سڀ کان متحرڪ ادارو آهي، آرمي جو شادي هال ٽوپي رک سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪرائي رهيو آهي. ايف بي آر جي ترجمان ڊاڪٽر اقبال ٻڌايو ته فوج ۾ ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو رجحان گهڻو آهي، آرمي ۾ پروموشن ۾ به ٽيڪس فائلنگ جو ڪردار آهي. ان کان سواءِ ٽوبيڪو ٽيڪس ۾ گهٽتائي تي سينيٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر ڪلثوم پرويز جي صدارت هيٺ ٿيو. سينيٽر ڪلثوم پروين جو اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چوڻ هو ته تماڪ جي ٽيڪس وصولين جو بحران آهي، تماڪ کي ڪمپنين جا ماڻهو ايف بي آر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تماڪ سيڪٽر ۾ پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ سان ٽيڪس روينيو ۾ گهٽتائي ٿي. ڪيمٽي ايف بي آر ۾ ڪندڙ لاڳاپيل ماڻهن جا نالا طلب ڪري ورتا. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته ايف بي آر ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ ريفارمز ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے