12 بدھ , دسمبر 2018

وارَن جي خشڪي ڪيئن ختم ڪجي؟ هي گهريلو ٽوٽڪو ضرور آزمايو

سڀ ڪو پنهنجي وارَن جي صحت جي حوالي سان پريشان رهندو آهي، وارَن جي ڪمزوري، انهن جو ڇڻڻ ۽ ٻين مسئلا جي پاڙ گهڻي ڀاڱي خشڪي هوندي آهي، جيڪا سياري جي موسم ايندي ئي وڌي ويندي آهي. خشڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص طور (اينٽي ڊينڊرف شيپمو) يا ٻين مختلف شين جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جن ۾ موجود ڪيميڪل وارَن کي فائدو پهچائڻ سان گڏوگڏ نقصان به ڏيندو آهي پر هاڻ توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسان توهان کي وارَن جي خشڪي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي چڱي ريت واڌ ويجهه لاءِ هڪ گهريلو ٽوٽڪو ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪو ضرور آزمائي ڏسو.

شيون: بيضو: هڪ عدد، ڪيسٽر آئل: هڪ چمچو، سرنهن جو تيل: ٻه چمچا

طريقو: انهن سڀني شين کي چڱي طرح ملائي (مڪس) ڪري ڇڏيو ۽ وارَن جي پاڙن ۾ هڻو، لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين وارَن ۾ لڳل رهڻ ڏيو ۽ پوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو. لاڳيتي استعمال سان نه رڳو توهان جي وارَن جي خشڪي ختم ٿي ويندي پر وار چمڪدار، ڊگها ۽ گهاٽا به ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے