19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ : شڪارپور: "تعليم پرايو ثقافت بچايو” جي عنوان ھيٺ تقريب منعقد

­­ شڪارپور شهر جي نالي واري اسڪول دي برائيٽين انگلش گرامر اسڪول ۾ "عوامي آواز ميڊيا گروپ” جي سڏ تي "تعليم پرايو ثقافت بچايو” جي عنوان ھيٺ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام ڪوٺايو ويو .

پروگرام   ۾ شهر جي تعليمدانن، سياسي، سماجي، اڳواڻن، صحافين ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، شاگرد توڙي شاگردياڻيون سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي شريڪ ٿيا.

 شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ جي حوالي سان تقريرون پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو.

 شاگردن قومي گيتن تي جهمريون هڻي ٽيبلوز  پڻ پيش ڪيا.

 مھمان خاص شڪارپور جي تعليمدان شاھنواز ميمڻ، يونٽي آف جرنلسٽ شڪارپور جي صدر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي جا وارث قديم ثقافت، سياحت ۽ ٻولي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ ٿي گڏ ٿي ويا آھن.

 ھنن چيو ته تعليم سان ئي معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو، نوجوان تعليم ۽ تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏين، ملڪ جي ترقي ۽ بهتري لاءِ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪن.

 تقريب ۾ قادر بروھي، عبدالشڪور، سارنگ ٻپڙ، عبدالحڪيم جتوئي، غلام مرتضي سميت استاد ن شاگرد وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے