12 بدھ , دسمبر 2018

اهڙا مسئلا جيڪي آفيس ۾ اوهان کي پريشان ڪندا رهن ٿا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) جيئن ته آفيس ۾ ڏينهن جو وڏو حصو گذارڻ اوهان کي غيرمتحرڪ ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪو اوهان جي صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي، پر ڪجهه نوڪريون پنهنجو پاڻ ۾ صحت لاءِ موتمار زهر جي حيثيت رکنديون آهن. ڪجهه آفيسن ۾ هلندڙ ماحول ۽ ڪم جو طريقيڪار ملازمن جي نفسياتي ۽ جسماني صحت هاڃيڪار اثر وجهندو آهي، ۽ مستقل اهڙين ملازمت سان لاڳاپيل رهڻ اوهان کي صحت جي حوالي سان بدترين نقصان پهچائي سگهي ٿو. اڄ اسان اوهان کي آفيس ۾ پيش ايندڙ اهڙين ڪجهه حالتن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون جن کي مستقل بنيادن تي برداشت ڪرڻ اوهان لاءِ موتمار بيمارين جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. ان سان گڏ ئي انهن مسئلن جو مقابلوڪرڻ جو حل پڻ ڄاڻڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

مسئلو-تمام گهڻي مصروفيت

اوهان تمام گهڻو مصروف آهيو پر اوهان وٽ آزادي سان ڪم ڪرڻ يا فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي.

حل

ڪم بابت دٻاءُ ساٿين سان ڳالهه ٻولهه ۽ سندن مدد ذريعي گهٽ ڪريو.

مسئلو- بي لاڀ محنت

اوهان تمام گهڻو ڪم ڪندا آهيو ۽ گهڻي محنت ڪندا آهيو، پر اوهان کي ايتري موٽ ناهي ملندي.

حل

پنهنجي باس سان پنهنجي ڪيريئر بابت ڳالهه ٻولهه ڪريو ۽ کيس ٻڌايو ته اوهان تمام گهڻا باصلاحيت آهيو ۽ پنهنجين صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ چاهيون.

مسئلو- پيشوارڻي اڪيلائپ

اوهان پنهنجي آفيس ۾ اڪيلائپ محسوس ڪندا آهيو ڇاڪاڻ ته اوهان کي ڪم جي حوالي سان هم مزاج ساٿي يا بهترين باس ميسر ناهي .

حل

پنهنجن ساٿين ۽ باس سان گفتگو ڪريو. جيڪڏهن اوهان کي مدد جي ضرورت آهي ته ڪنهن کان به مدد وٺڻ کان بلڪل به سستي نه ڪريو.

مسئلو- تنگ ڪندڙ ڪسٽمر

پنهنجي آفيس ۾ اوهان کي تنگ ڪندڙ ڪسٽمرن کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي  جيڪي اوهان کان انتهائي اڻ مناسب مطالبا ڪندا آهن ۽ اوهان کي مجبورن خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

 حل

ان ڏس ۾ پنهنجي باس کان صلاح وٺو ۽ سندس تجربن مان فائدو حاصل ڪريو. کيس چئو ته اوهان ان متعلق ٿيندڙ تربيتي ڪورسن ۾ حصو وٺڻ جا خواهشمند آهيو. اوهان کي اهو پڻ سکڻ جي ضرورت آهي ته ذاتي طور تي متاثر ٿيڻ کانسواءِ مختلف مزاج رکندڙ ڪسٽمرن کي ڪهڙي ريت منهن ڏئي سگهجي ٿو.

مسئلو- آفيس جو قيدي

آفيس جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ اوهان گهر مان به ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون ذريعي آفيس سان جوڙيل آهيو ۽ آفيس جو ڪم ڪري رهيا آهيو.

حل

جيڪڏهن ايترو ئي ضروري آهي ته ان لاءِ به هڪ وقت مقرر ڪريو ته اوهان گهر اچڻ کانپوءِ رڳو ٻن ڪلاڪن لاءِ دستياب هوندا. ان کانپوءِ يا ان کان اڳ بلڪل به نه.

مسئلو – بيزاري واري حالت

اڪثر ڪري پنهنجي پسند جي نوڪري ڪندي به اوهان بيزارگي ۽ ٿڪ جو شڪار ٿي ويندا آهيو. هي اهو وقت آهي جتي اوهان چاهيندي به پنهنجي بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ناهي ڪري سگهندا.

حل

اهڙي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ موڪلون وٺڻ ضروري آهي ۽ موڪلن دوران سياحت ۾ گذارڻ ان کان به وڌيڪ ضروري آهي. سياحت اوهان جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل بيزاري کي ختم ڪري اوهان کي تازو توانو ڪري ڇڏيندي.

مسئلو- باس جو خراب رويو

اوهان باس يا پاڻ کان مٿانهن عهدي تي رهندڙ ماڻهن طرفان بنا سبب دڙڪن، خراب رويي ۽ غيرضروري ڪم جي دٻاءُ جو شڪار آهيو.

 حل

کين واضح طور ته ٻڌايو ته اوهان کي اهو رويو سخت ناپسند آهي. جيڪڏهن وري به مسئلو حل نه ٿئي ته ان سلسلي ۾ انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪريو ته جيئن سندن رويو ملازمن سان درست ڪرائي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے