12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ايڊز کان بچاءُ ۽ جاڳرتا جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ )  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ايڊز خلاف جاڳرتا جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد هن موتمار ۽ لاعلاج مرض بابت ماڻهن کي جاڳرتا ڏيڻ آهي، هن بيماري جو وائرس انسان جي رت ۾ شامل ٿي مدافعتي نظام کي ناڪاره بڻائي ڇڏيندو آهي. هن سال ايڊز واري ڏينهن جو ٿيم ”پنهنجو اسٽيٽس ڄاڻيو“ آهي. ايڊز بنا ڪنهن شڪ جي جديد دور جي خطرناڪ بيماري آهي. صحت جي عالمي اداري موجب سموري دنيا ۾ ٽه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي ايڊز جو شڪار آهن پاڪستان ۾ ايڊز پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ نشو ڪندڙ ماڻهن جو سرنجن جو غلط استعمال آهي. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ 85 سيڪڙو ماڻهن کي انفيڪشن جون نشانيون ظاهر ٿينديون آهن جنهن جو وقت سر علاج بيماري کي موتمار ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو. اسان جي معاشري ۾ اڄ به ايڊز بابت آگاهي ڏيڻ باوجود خوف موجود آهي ۽ ايڇ آءِ وي مان متاثر شخص کي بيماري ۽ معاشري ٻنهي کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻي پئجي رهي آهي، ايڊز جو علاج وقت سر تشخيص ۽ احتياط سان گڏوگڏ هاڪاري رويو اختيار ڪرڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته عام ماڻهو کي ان بيماري متعلق شعور حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن موجب سڄي دنيا ۾ 94 لک ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ايڊز جي مرض ۾ ورتل آهن، پر هو پاڻ ان بابت به نٿا ڄاڻين. پاڪستان ۾ به ايڊز وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ جيڪڏهن جلد ئي هن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل بڻجي ويندو. ايڊز خلاف جاڳرتا هلائڻ جي سلسلي ۾ اڄ دنيا سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ريليون ڪڍي سيمينار ڪوٺايا ويندا ۽ ماڻهن ۾ ايڊز بابت آگاهي ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ ڪير به سنڌ جو پئسو نه کائيندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستاني رياست بلوچستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے