13 جمعرات , دسمبر 2018

ميريٽ انٽرنيشنل هوٽل جي 50 ڪروڙ مهمانن جي ڊيٽا چوري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) دنيا جي مشهور هوٽل چين ميريٽ انٽرنيشنل جي انتظاميا انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ سندن 500 ملين (50 ڪروڙ ) مهمانن جي ڊيٽا چوري ڪئي وئي آهي. فرانسيسي خابرو اداري موجب هيڪرن ميريٽ انٽرنيشنل جي مهمانن جي ڊيٽا بيس تائين پهچ حاصل ڪئي، جنهن ۾ 50 ڪروڙ مهمانن جي ذاتي معلومات موجود هئي. ان ڊيٽا ليڪ کي ڪجهه ڏينهن اڳ ياهو جي 3 ارب واهپيدارن جي ڊيٽا چوري هيڪنگ کانپوءِ ڪنزيومر ( واهپيدارن ) تائين پهچ تائين وڏن واقعن ۾ هڪ قرار ڏنو پيو وڃي. ڪمپني انتظاميا جي هڪ بيان موجب سپٽمبر ۾ پهرين ڀيرو مهمانن جي ڊيٽا بيس تائين غيرمجاز پارٽي جي پهچ جي ڪوشش جو الرٽ مليو ۽ جاچ دوران خبر پئي ته مهمانن جي ڊيٽا چوري تائين پهچ جي شروعات 2014 ۾ ٿي. بيان موجب غيرمجاز پارٽي اسٽار وُڊ گيسٽ ريزرويشن ڊيٽا بيس مان ميريٽ انٽرنيشنل جي مهمانن جي ذاتي معلومات تائين پهچ حاصل ڪئي ۽ معلومات ڪاپي ڪئي وئي. بيان موجب لڳ ڀڳ 33 ڪروڙ مهمانن جي ذاتي معلومات ۾ سندن نالو، ايڊريس، فون نمبر، اي ميل ايڊريس، پاسپورٽ نمبر، گيسٽ اڪائونٽ، انفارميشن، پيدائش جي تاريخ، اچ وڃ جي معلومات ۽ ريزروويشن جي تاريخ پڻ شامل آهي جڏهن ته ڪيئي مهمانن جي ڪريڊٽ ڪارڊن جي معلومات پڻ ڪوڊن جي صورت ۾ موجود هئي. ميريٽ انٽرنيشنل جي انتظاميا خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اها معلومات ڊي ڪوڊ ڪري سگهجي ٿي. ڪمپني انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اختيارين سان گڏجي ڪري مسئلي تي قابو حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون،

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے