13 جمعرات , دسمبر 2018

اڄ کان سموري ملڪ ۾ پي ٽي اي جو موبائيل سيٽ تصديقي نظام لاڳو ٿي ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ اڄ کان پي ٽي اي جو موبائيل سيٽ تصديقي نظام لاڳو ٿي ويندو، ملڪ ۾ ڪنهن به طريقي سان آندل موبائيلن جي پي ٽي اي کان تصديق ڪرائڻ لازمي هوندو، ڇاڪاڻ جو اڄ کانپوءِ رڳو پاڪستاني نيٽ ورڪ ۾ آيل سيٽ ئي ڪم ڪري سگهندا جڏهن ته ٻين کي مستقل طور تي بلاڪ ڪيو ويندو. تفصيل موجب ايف بي آر غيرقانوني طور تي آندل موبائيل سيٽن تي پڻ ڏنڊ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر نوٽيفڪيشن موجب موبائيل فون امپورٽرن کي 31 ڊسمبر تائين رڳو رهتون، ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ادا ڪرڻ پوندا، ڪمرشل ۽ انفرادي حيثيت ۾ موبائيل درآمد ڪندڙ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پوسٽل يا ڪوريئر ذريعي پاڪستان اُماڻيل موبائيل شروعاتي طور تي ڪسٽم اختياريون پنهنجي قبضي ۾ رکنديون، موبائيل قبضي ۾ وٺي درخواست گذار کي هڪ ڊڪليئريشن فارم جاري ڪيو ويندو. درخواست گذار پي ٽي اي مان سرٽيفڪيٽ آف ڪليئرنس حاصل ڪرڻ کانپوءِ موبائيل حاصل ڪري سگهندو، درخواست گذار کي ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سان گڏ ڪسٽم ڊيوٽي يا ٽيڪس پڻ ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ملڪ مان ايندڙن لاءِ پي ٽي اي، ڪسٽم ۽ سول ايوي ايشن ايئرپورٽن تي گڏيل طور تي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، بين القوامي آمد ۽ هالن ۾ ڊي آءِ آر بي ايس جي آگاهي جو انتظام ڪيو ويو آهي، ٻاهران آيل مسافرن کي قائم ڪيل ڪائونٽرن تي پنهنجا موبائيل رجسٽرڊ ڪرائڻا پوندا، جن کي ڪائونٽر تي ڪليئرنس نٿي ملي اهي 15 ڏينهن ۾ ڪسٽم آفيس سان رابطو ڪري سگهن ٿا. هڪ مسافر کي پنهنجي ذاتي استعمال يا تحفي طور تي 5 سيٽ آڻڻ جو اختيار هوندو، پرڏيهي ملڪ مان ايندڙ مسافر هڪ سال ۾ رڳو 5 سيٽ آڻي سگهندا، غيرقانوني، غيررجسٽرڊ موبائيل پاڪستان آڻيندڙ 31 ڊسمبر تائين موبائيل سيٽ رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، مقرر تاريخ گذرڻ کانپوءِ غيرقانوني موبائيل سيٽن کي مستقل طور تي بلاڪ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے