12 بدھ , دسمبر 2018

سعودي عرب ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت عوامي هنڌن تي سگريٽ پيئندڙن تي 2 سئو ريال ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. سعودي ميڊيا صحت کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته مسجدن جي ڀرپاسي، وزارتن، سرڪاري ادارن، صحت، ثقافتي، سماجي، فلاحي ۽ راندين جي ادارن سميت ٻين عوامي هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اهڙا هنڌ جن جو ذڪر ڄاڻايل فهرست ۾ ناهي، اتي به سگريٽ نٿو ڇڪي سگهجي. کاتي طرفان سگريٽ پيئڻ لاءِ ڪجهه هنڌ مخصوص ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. انهن هنڌن تي 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هوندي، جيڪو به ڀڃڪڙي ڪندو، ان تي 2 سئو ريال ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ رينجرز جون ڪارروايون، 12 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 12 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے