23 بدھ , جنوری 2019

ثقافتي ڏينهن جو نعرو: تعليم پرايو، ثقافت بچايو

دنيا ۾ ڪنهن به قوم جو ثقافتي ورثو نه صرف ان قوم جي سڃاڻپ جو سبب  هوندو آهي پر ان کان اڳتي وڌي ڪري اهڙو ثقافتي ورثو جهڙوڪر ان قوم جي جياپي جو سبب پڻ هوندو آهي، ڇو جو جيڪڏهن ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ميسارجي وئي ته جهڙوڪر اها قوم ئي ميسارجي ويندي آهي، اهڙا دنيا مان ڪيئي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا پر بدقسمتيءَ سان اهڙو مثال خود اسان سنڌين جي ذات سان واڳيل آهي.

1947ع واري روهاڱي بعد جن لکين سنڌين کي جنگي حالتون پيدا ڪري سنڌ بدر ڪيو ويو اهي هندستان پهچي ڇڙ وڇڙ ٿي ويا ۽ نتيجي ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي کان پڻ محروم ٿيندا ويا، هو هندستان ۾ گم ٿي ويا پر گذريل ڪجهه سالن کان انهن لکين سنڌين وري پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي جياريو آهي ته جهڙوڪر هاڻي دنيا ۽ خود هندستان ۾ انهن ماڻهن جي هڪ سڃاڻپ قائم ٿي پئي آهي. اڄوڪي دنيا ۾ آمريڪا دنيا جو اهڙو واحد ملڪ آهي جتي دنيا جي هر قوم، علائقي، جاگرافيائي، قبيلي ۽ ڪڙم جا ماڻهو پهتل ۽ قيام پذير آهن، اهي ماڻهو آمريڪا ۾ ڀل ننڍڙين ننڍڙين اقليتن ۾ هجن پر اهي پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي قومي ثقافتي ورثي ذريعي ئي قائم رکيون ويٺا آهن، اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا کي گهڻ نسلي ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ چئجي ٿو جتي سمورين ثقافتن جا ماڻهو گڏجي رهن ٿا، يونيسڪو 2001ع هڪ ۾ بين الاقوامي سطح تي ”ثقافتن“ جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد گڏيل قومن جا 185 ميمبر ملڪ پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائن ٿا، يونيسيڪو جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ مختلف ثقافتن جي گڏجڻ سان دنيا جي معاشرن ۾ ويجهڙائپ ايندي ۽ وڌ ۾ وڌ ترقي، امن ۽ خوشحاليءَ جا موقعا پيدا ٿيندا.

سنڌي قوم پڻ دنيا جي ٻين قومن وانگر پنهنجي تهذيب ، تمندن ۽ ثقافتي ورثي سان پيار ڪري ٿي، اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي ثقافت جي هر قدر کي زندهه ۽ جاويد رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي رهي ٿي. ان ڏس ۾ گذريل ڪيترن سالن کان سنڌي قوم ثقافتي ڏينهن کي هر سال عيد جي ڏڻ وانگر ملهائي ٿي، انهيءَ ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ هر طرف جهڙوڪر رنگن جي بهار هوندي آهي. ڳاڙهن اجرڪن ۽ ٽوپين وارا ويس وڳا پهريل ٻارڙا ۽ ڀرٿن ۽ گجن سان سجايل چنريون، گگها، پهريل نياڻيون جڏهن روڊن ۽ رستن تي نڪري اينديون آهن ته جهڙوڪر سنڌ جي مجموعي خوبصورتيءَ جو منظر اکين آڏو تري ايندو آهي.

هن سال به سڄي سنڌ ۾ 2- ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن قومي طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نومبر جي آخري هفتن کان کي سنڌ ۾ ثقافتي سرگرميون شروع ٿي ويندون آهن، اسڪولن، علمي ادارن ۽ ڳوٺن جي ويهڪن ۽ اوطاقن تي ثقافتي تقريبون ملهايون وينديون آهن، خاص ڪري مچ ڪهچري اهڙين ثقافتي سرگرمين جو جهڙوڪر مرڪز ۽ محور هوندي آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ ادبي ويهڪون پڻ ٿيون آهن، ان کان سواءِ ثقافتي هنرن جون نمائشون ۽ صوفي راگ رنگ جون رهاڻيون پڻ ٿيون آهن ۽ اهڙين سمورين سرگرمين جو سلسلو جاري ۽ 2 ڊسمبر جي اڌ رات تائين جاري رهندو. سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي خوبصورتي اها به آهي ته هاڻي سنڌ سميت بلوچستان ۽ پنجاب جي انهن علائقن جن ۾ سنڌي صدين کان رهائش پذير آهن پڻ ثقافتي ملهايو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ آمريڪا ۽ برطانيا سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ ثقافتي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ن سال 2- ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن جو نعرو، ”تعليم پرايو، ثقافت بچايو“ طئي ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ ثقافتي تقريبون ڪوٺايون ويون آهن ۽ مرڪزي تقريبون سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي پريس ڪلبن آڏو  2- ڊسمبر تي شام جو شروع ٿينديون ۽ رات جو دير تائين جاري رهنديون.

اها ڳالهه انتهائي اطمينان جوڳي آهي ته سنڌي قوم پنهنجي ثقافت، علم، ادب ۽ تهذيب سان بي انتها پيار ڪري ٿي ۽ ان جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ لاءِ سوچي ٿي ۽ مختلف ادارا جوڙي ان ڏس ۾ ڪم ڪري ٿي، پر هن سال ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان جيڪو نعرو طئي ڪيو ويو آهي، اسين سمجهون ٿا ته اهو انتهائي اهم آهي، سنڌ تعليم جي حوالي سان جنهن ڏڪار کي منهن ڏئي رهي شايد اڳ اهڙي ڏڪار جو نه ته اسان کي احساس پئي ٿيو ۽ نه ئي اسان ڪو اعتراف ڪيو آهي، اسان جي ڳڻتيءَ لاءِ هڪڙي ئي ڳالهه ڪافي آهي ته هن وقت سنڌ ۾ ٻه ڪروڙ اٺاويهه لک ٻارڙا اسڪول وڃن ئي ڪونه ٿا.

اڄ ثقافتي ڏينهن جي هن اهم موقعي تي اسان سموري سنڌي قوم سان مخاطب آهيون ۽ سڄي قوم کي جس ڏيون ٿا ته اها پنهنجي ثقافت سان پيار جي معاملي ۾ هر امتحان ۾ پوري لٿي آهي، تنهن هوندي به اڃا ڪيئي پاسا اهڙا آهن جن طرف توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪا توجهه اسان ڏيارن جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ”تعليم پرايو، ثقافت بچايو“، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجين قومي ذميوارين جو احساس ڪرڻ گهرجي، ۽ اهڙين سمورين ذميوارين ۾ سڀ کان اهم ذميواري تعليم پرائڻ آهي، تنهن ڪري اوهان مان هر ماڻهوءَ تي اهو فرض آهي ته هو سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اوهان جيڪڏهن گهر جا سربراهه آهيو ته پنهنجي ٻارن جي تعليم تي ڀرپور توجهه ڏيو، جيڪڏهن سٺا پاڙي سري يا پاڻ ڀرا آهيو ته پنهنجي پاڙي جي يا پنهنجي برادريءَ جي ڪنهن هڪ مستحق شاگرد جي تعليم جا خرچ برادشت ڪريو، جيڪڏهن سماجي ڪارڪن آهيو ته مجموعي طور تي سماج ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪريو ۽ جي قومي ۽ سياسي ڪارڪن آهيو ته پنهنجي حلقي کي قوم جي تعليم بهتر بنائڻ وارين سرگرمين لاءِ وقف ڪريو.

اڄ اسان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي سان پڻ مخاطب ٿينداسين ته مهرباني ڪري سنڌي اجرڪ، ٽوپي، سنڌي ڪاشي، سنڌي ٽُڪ، سنڌي ڀرٿ ۽ سنڌي ٺڪراٽي جي فن جي پوئواري ڪئي وڃي اهي سمورا هنر ۽ هنري اسم اڄ سخت خطري ۾ آهن خاص ڪري سنڌي اجرڪ ۽ ڪاشيءَ جو هنر، اڄوڪي جديد دور ۾ اجرڪ جو مشين ذريعي تيار ٿيڻ ۽ سنڌي ڪاشيءَ جو نقل مشينن ذريعي ٽائلن جي صورت ۾ تيار ٿيڻ سان اهو ثقافتي ورثو تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، هن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن جي مشيني نقل تي پابندي لڳرائي وڃي.

اسان اها اميد ڪنداسين ته ايندڙ سال جڏهن اسان وري ثقافتي ڏينهن ملهائينداسين ته پنهنجو پاڻ کي دنيا ۾ هڪ قدم اڳتي پهتل ڏسنداسين ۽ دنيا ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو بنيادي ذريعو تعليم ئي آهي، اچو ته ”تعليم پرايون – ثقافت بچايو“.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس آف پاڪستان جو اصولي خطاب

اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ملڪ جي 25- ھين چيف جسٽس طور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے