12 بدھ , دسمبر 2018

چين 20 ڪلاڪ تائين پرواز ڪرڻ وارو ڊرون تيار ڪري ورتو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي پيپلز لبريشن آرمي(پي ايل اي) جي پروفيسر لي ووئي چيو آهي ته چيني ڊورن جي جي 2 سرحدي نگراني ۽ دهشتگردي خلاف ڪوششون مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن لاءِ هڪ ڪارائتو بڻجي سگهي ٿو. چين جو هي  جاسوسي ڊورن خودڪار دفاعي فائدن تي ٻڌل آهي، جنهن جو مظارر هلندڙ جي شروعات  ۾ ايئر شو چائنا 2018 ۾ ڪيو ويو، 2 چيني سرحد جي نگراني کي بهتر ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو مقابو ڪرڻ جي ڪوششون ۾ يقيني طور تي اضافي جو سبب بڻيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ان سان گڏ دوست ملڪن کي ٻيا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي سگهي ٿي، هي ڊرون ڇهنڪ تائو جي ايئر ڪرافٽ ديزائن انسٽي ٽيوب ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوشن آف چائنا جي تعاون سان ڊيزائن ڪيو آهي، چين جي مشهور اخبار “يوٿه ڊيلي” ۾ شائع هڪ رپورٽ ۾ پروفيسر ووئي چيو آهي ته هن ۾ هڪ وڏو انجڻ نصب ڪيو ويو آهي، ۽ هي ڊورن 370 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 9 هزار ڪلوميٽر جي بلندي تي 20 ڪلاڪ تائين لڳاتار پرواز ڪري سگهي ٿو، هي ڊرون هيٺان 6 ننڍا ميزائل رکي سگهي ٿو ۽ هي پهريان کان موجود جي جي-1 جي مقابلي ۾ حملو ڪرڻ جي بهتر صلاحيت رکي ٿو، هن ۾ بهتر جاسوسي نطام نصب ڪيو ويو آهي، هي امريڪي ڊرون جي مقابلي ۾ سستو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018  ۾ يوٽيوب جون ٽاپ وائرل ويڊيوز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) يوٽيوب 2018 ۾ پوري دنيا ۾ مشهور ۽ وائرل ٿيندڙ ويڊيو جي فهرست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے