12 بدھ , دسمبر 2018

بجلي ذريعي ڦَٽُ ختم ڪندڙ پٽي تيار

وسڪانسن (ويب ڊيسڪ) اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته پراڻو ڦَٽُ ۽ ناسور برقي سرگرمي سان جلدي ٺيڪ ٿي ويندو آهي، ان ئي بنياد تي آمريڪي ماهرن هلڪي ڦلڪي پٽي ٺاهي آهي، جيڪا بجلي ذريعي زخم تيزي سان ٺيڪ ڪري سگهي ٿي. يونيورسٽي آف وسڪانسن ميڊيسن جي سائنسدانن هڪ اهڙي برقي بينڊيج ٺاهي آهي، جنهن کي پائيندي ڪا تڪليف ناهي ٿيندي، ڇو ته ان کان اڳ اليڪٽرو ٿراپي جون پٽيون وزني هونديون هيون، ان سبب ماهرن اها سهولت واري برقي ڊريسنگ ٺاهي آهي، جيڪا مريض جي گهمڻ ڦرڻ سان بجلي ٺاهيندي آهي. جديد ڊريسنگ ۾ سنهڙا نينو جنريٽر لڳايا ويا آهن ۽ انهن مان هڪ تار نڪري پائيندڙ جي جسم تائين وڃي اتي هڪ پيوند سان ڳنڍجي ويندي آهي، جيئن جيئن مريض گهمندو آهي ته نينو جنريٽرز ۾ بجلي ٺهندي آهي ۽ بجلي جي لهرن سان پراڻو ڦَٽُ تيزي سان ختم ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، ان پٽيءَ لاءِ ڪنهن بيٽري جي ضرورت ناهي. تجربي گاهه ۾ ڪوئن تي ڪيل تجربي سان ثابت ٿيو ته زخم عام حالتن ۾ 12 ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿيندو آهي پر اليڪٽريڪل پٽي ان کي ٽن ڏينهن ۾ ٺيڪ ڪري ڇڏيو. ماهرن موجب ان عمل سان ڦَٽَ کي ڪو نقصان ناهي ٿيندو ۽ ڪرنٽ به محسوس ناهي ٿيندو، بجلي جي صورت ۾ فائبرو بلاسٽ خليون (سيل) تيزي سان سرگرم ٿي زخم ڀرڻ ۾ مدد ڪندا آهن، اهڙي ريت پراڻو ڦَٽ ۽ ناسور به جلد ختم ٿي ويندو آهي. ماهرن برقي بينڊيج اهڙن ناسورن لاءِ به ٺاهي آهي، جيڪي عام حالتن ۾ ٺيڪ ٿيڻ جو نالو ناهن وٺندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے