12 بدھ , دسمبر 2018

خاشقجي قتل،امريڪي سينيٽ ميمبرن کي اڄ بريفنگ ڏني ويندي:سي آئي اي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)سي آئي آءِ جي ڊائريڪٽر جينا هيسپل سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي حوالي سان امريڪي سينيت جي ميمبرن کي اڄ اهم بريفنگ ڏيندو، عالمي پرڏيهي خابرور اداري موجب امريڪي تحقيقي اداري سي آئي اي جي ڊائريڪٽر جينا هيسپل صحافي جمال خاشقجي کي استنبول جي سعودي قونصل خاني ۾ بيدردي سان قتل بابت تحيقيقي رپورٽ اڄ سينيٽ ميمبرن جي هڪ گروپ کي بريفنگ ڏيندو، ان کان پهريان امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ بچاءِ واري جميز ميٽس به سينيٽ ميمبرن کي صحافي جي قتل جي تحقيقي رپورٽ تي بريفنگ ڏني هئي،  جيئن ته سينيٽ ۾ موجود ٻنهي جماعتن ريپبلڪنز ۽ ڊيموڪريٽس ميمبرن سي آئي اي جي ڊائريڪٽر جي لائيو بريفنگ جي مطالبي تي قائم رهي. ياد رهي ته سي آئي اي جي هڪ ٽيم هلندڙ سال جي آڪٽومبر استنبول جي سعودي قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي کي بيدردي سان قتل جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش ڪئي جنهن ۾ قتل جي منصوبابندي سعودي عرب جي اهم ترين شخص جي ملوث هجڻ جو اشارو پڻ ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملائيشن وزيراعطم جي گهرواريءَ تصوير ڪڍرائڻ وقت عمران خان جو هٿ ڇو پڪڙيو ؟

ڪوالالمپور ( ويب ڊيسڪ ) گذريل مهيني وزيراعظم عمران خان جي دوري دوران ملائيشيا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے