18 پیر , فروری 2019

چيني ماهرن ٻارن کي کير پياريندڙ تانيئڙو ڳولي ورتو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) قدرت جي ڪارخاني مان هڪ حيرت جوڳي خبر آئي آهي ته ڪجهه تانيئڙا پنهنجي ٻارن جي لاءِ کير جهڙو مادو خارج ڪنديون آهن جيڪي غذائيت ۾ ڪنهن به طرح ڳئون جي يا مينهن جي کير کان گھٽ ناهي هوندو. ان (کير جهڙي) مادي کي پي انهن جا ٻچا جلدي وڏا ٿين ٿا. ڪجهه تانيئڙن جا ٻچا اسان جي ٻچن  وانگر هوندا آهن ۽ انهن جي ماءُ ٻارن کي کير جهڙو مادو پياريندي آهي. ڪجهه تانيئڙن جا ٻچا ننڍا جيت يا گلن جي پنن تي گذارو ڪندا آهن ۽ ڪجهه بالغ ٿي شڪار سکڻ تائين ڪجهه ناهن کائيندا. چين جي سائنس اڪيڊمي جي ماهرن چيو آهي ته ڏکڻ اوڀر  ايشيا ۾ ملندڙ هڪ تانيئڙي ٽوڪيسينس ميگنس جا ٻچا تيزي سان وڌندا آهن 20 ڏينهن ۾ بالغ ٿي ويندا آهن . پر نه انهن جي ماءُ شڪار ڪندي آهي ۽ نه ٻچا کاڌي جي ڳولا ۾ پنهنجو گھر  ڇڏيندا آهن .اسان انهن تانيئڙن تي ڌيان  ڏئي رهيا هئاسين ته هڪ رات ٻچا پنهنجي ماءُ تانيئڙي سان چنبڙيا پيا هئا. چيني ماهر زين جي چين  ٻڌايو ته انهن کي ڏسي مونکي خيال آيو ته متان ماءُ تانيئڙي پنهنجن ٻچن کي پاڻ سان چنبڙائي ڪا شيءِ پياري رهي هجي. ان کان پوءِ تانيئڙي مادي کي کڻي خودبين جي ذريعي ڏٺو ويو ته ان جي جسم مان هڪ (کير جهڙو) مادو ننڍا ڦڙا نڪري رهيا هئا جيڪي کير وانگر هئا. ان جي غذائيت مينهن جي کير کان به وڌيڪ هوندي آهي . ٻئين مرحلي ۾ ٻچن کي ان کير جا ڦڙا پيئڻ کان روڪيو ويو ته اهي 10 ڏينهن ۾ ئي مري ويا . ان مان خبر پئي ته کير ٻچن لاءِ ڪنهن غذا سان ڀريل شيءِ وانگر آهي  ۽ ٻچن لاءِ ضروري آهي . ٻار فقط 20 ڏينهن ۾ بالغ ٿي شڪار ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندا آهن پر ان باوجود 40 ڏينهن تائين کير پيئڻ ناهن ڇڏيندا ۽ ان دوران ننڍن جيتن کي به کائيندا رهندا آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

لنڊن جي ڊاڪٽرن ڪيو ڪهڙو ڪمال…….پڙهي ٿيندا حيران

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين زندگي جو هن دنيا ۾ اچڻ معمول جو حصو آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے