12 بدھ , دسمبر 2018

اسٽريٽ ڪرائيم جو اعتراف:چيني قونصل خاني تي حملي بعد ٽرانسفر ليٽر تي گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏو وزير ٽرانسفر ليٽر تي گاڏي جي استعمال کي غيرقانوني قرار ڏيندي  ايڪسائيز کاتي کي ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪري ڇڏي، هدايت ڪئي ته اهڙين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي. مرادعلي شاهه سفارتخانن، سي ايم هائوس، گورنر هائوس ۽ آءِ جي آفيس ٻاهر مقرر پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽس  ڏيڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته هاڻي سنڌ ۾ ٿاڻي وارو ڪلچر تبديل ٿيڻ گهرجي، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ايندڙ ايپڪس ڪميٽي واري اجلاس جي حوالي سان امن امان جي هڪ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته چيني قونصل خاني تي دهشتگردن جي حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي ٽرانسفر ليٽر تي هئي، ان گاڏي جو مالڪ 5 سال اڳ فوت ٿي چڪو هو، ايڊيشنل آءِ جي اسپشل براچ ڊاڪٽر ولي الله دل وڏي وزير کي ٻڌايو ته گاڏي  ڇهه ورهيا اڳ وڪامي هئي. ان تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته شهر ۾ ٽرانسفر ليٽر تي هلندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڏوهن جي انگن اکرن تي بريفنگ ڏيندي انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام اعتراف ڪيو ته موبائيل ڦر جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي،  2013ع ۾ 12187 موبائل ڦر جا واقعا ٿيا هئا ۽ 2018ع ۾ ان ۾ واڌ ٿي آهي ۽ 14051 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته ان تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، مراد علي شاهه گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير کي اها به هدايت ڪئي ته هُو چائنيز قونصليٽ جي حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويل بلوچستان جي ٻن شهرين کي معاوضي جي حوالي سان سفارشون موڪليون وڃن. هن انهن کان زخمي سڪيورٽي گارڊ جي علاج بابت پڻ پڇا ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڪيورٽي گارڊ جي بهتر ريت سارسنڀال ۽ علاج ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے