12 بدھ , دسمبر 2018

وزيراعظم پنهنجي ٽيم مان خوش نه آهي: خورشيد شاهه

ڄام نواز علي (ن ع آ) اڳوڻي وفاقي وزير ڄام معشوق علي جي وفات تي پ پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه،سردار سليم جان مزاري،مخدوم فخر الزمان ڄام نواز علي پهچي ڄام ذوالفقار علي خان ۽ پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاه ميديا سان ڳالهائيدي چيو ته اسان اڳي ئي چيو هو پي ٽي آءِ جي وس ۾ حڪومت هلائڻ نه آهي. وزير اعظم عمران خان پنهنجي  ٽيم مان خوش نه آهي، وزير اعظم جي وچ مدي واري چونڊن جي بيان تي مايوسي ۽ تعجب جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ معاشي صورت حال بهتر نه آهي وچولي طبقي معاشي غير يقيني جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي پي ٽي آءِ جي حڪوت ايندي ئي ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي، وزير اعظم جي اهڙي بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته وزير اعظم پنهنجي  ٽيم جي ڪارڪردگي مان خوش نه آهي، هن وڌيڪ چيو ته  پ پ ئي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جيڪا پهنجي حڪومت ۾ سڀني پارٽين کي گڏ کڻي هلي. ان موقعي تي اڳوڻو سينيٽر ڄام ڪرم علي،ڄام نفيس علي ،ڄام فاروق علي،ڄام قائم علي ،سيد يار محمد شاهه پڻ موجود هئا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے