23 بدھ , جنوری 2019

هندن جي ملڪيتن تي قبضا، سپريم ڪورٽ جو خورشيد شاهه کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي الزام ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه سميت 46 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي ايراضيءَ تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ هندو برادريءَ جي ايراضي تي قبضي جي رپورٽ تيار آهي. رميش ڪمار چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 46 شڪايتون هيون، رپورٽ ۾ واضح لکيو ويو آهي ته هندن جي زمين تي قبضو آهي. چيف جسٽس چيو ته جن ماڻهن قبضو ڪيو آهي تن کي نوٽيس ڏيڻو پوندو، خورشيد شاهه چوي ٿو ته مان ڪنهن جي زمين تي قبضو نه ڪيو آهي، توهان چئو ٿا ته خورشيد شاهه هندن جي زمين تي قبضو ڪيو آهي. رميش ڪمار چيو ته خورشيد شاهه جي قبضي جي شڪايت سائل طرفان ڏني وئي، اڳوڻي ڪمشنر سکر به هندو برادري جي زمين تي قبضي جي تصديق ڪئي. سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾هندو برادري جي زمين تي قبضو ڪندڙ 46 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽيل مل نجڪاري لسٽ مان خارج، بحالي جي رٿابندي ڪئي آهي:گورنر سنڌ

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے