12 بدھ , دسمبر 2018

ڇا عمران خان جيل جون سختيون برداشت ڪري سگهندو، ايندڙ وزيراعظم کيس جيل ۾ وجهندو: آصف زرداري

ٽنڊوالهيار (رپورٽ: خميسو دائوداڻي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي ته حڪومت هلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالھه ناهي عمران خان  ايترو ڪري جو سڀاڻي برداشت ڪري سگهي  ٽنڊوالهيار لڳ ڳوٺ دريا خان مري  پ پ پ اڳواڻ غلام قادر مري پاران ڏنل آجياڻي دوران صحافين سان ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته عمران خان جي حڪومت  پاليسي به  ناهي ٺاهي سگهي. جيڪو ماڻهو چوي ٿو گورنر هائوس جي ديوار ڊهائينداسين. اهو ملڪ ڇا هلائيندو . هن چيو ته غير سنجيده وزيراعظم ملڪ نه سنڀالي سگهندو، حڪومت کي خطرو هوندو ته اهي سپورٽ ڪندا جن کيس آندو آهي. آصف علي زرداري چيو ته عمران خان ته چئي انتقامي ڪارروائي ڪري رهيو آهي،  وزيراعظم مخالف ڌر کي جيلن ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان ۾ جيل وڃڻ جو صبر به آهي ۽ حوصلو به آهي، ڇا عمران خان جيل جون سختيون برداشت ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جيستائين جان ۾ جان آهي، اهي جنگيون هلنديون رهنديون، پهريون به بي بي کي تنگ ڪرڻ لاءِ مون کي قيدي بڻايو ويو، اسان جي همت آزمايو، اسان سندن ظلم آزمائينداسين. اڳوڻي صدر چيو ته ميان صاحب احتساب جو قانون منهنجي لاءِ ٺاهيو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هن چيو ته بلاول ڀٽو کي نه پر جي آءِ ٽي مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي طلب ڪيو.  سندس چوڻ هو ته ملڪي حالتون ڳنڀير آهن،پ پ آئين کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو، هو چون ٿا ته ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه شقون ڪمزور آهن، هو ڪمزور شقن جو بهانو ڪري 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچيءَ ۾ هزارين دڪان ڪيرائي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، مان نه ٿو سمجهان ته حڪومت معاملا سنڀالي سگهندي. هن چيو ته حڪومت غير سنجيده آهي، سياسي اپروچ ناهي، 100 سال پراڻي گورنر هائوس جي ڀت  ٽوڙڻ جي پاليسي سندن پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان مون کي جيل ۾ موڪليو ته کيس ايندڙ وزيراعظم جيل حوالي ڪندو.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے