12 بدھ , دسمبر 2018

ٿر دردن جو داستان، هڪ ڏينهن ۾ 13 ٻار فوت، ڪيترائي بيمار

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ٿر ڏڪاري حالتن سبب ٻارن لاءِ مقتل بڻجي ويو آهي جتي صورتحال انتهائي ڀوائتي بڻجي وئي آهي، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 13 ٻار موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني جي 4 ڏينهن ۾ فوتي ٻارن جو تعداد وڌي 20 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻارن جو وڏو انگ بيمارين ۾ مبتلا آهي، ڪيترائي ٻار مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل آهن، پر علاج جون مناسب سهولتون ميسر نه هئڻ جي ڪري معصوم ٻارن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن. حڪومتي دعويٰ باوجود صورتحال جيئن پوءِ تيئن خطرناڪ ٿي رهي آهي. ضلعي جي ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگرپارڪر ،ڏاهلي جي 26 سئو ڳوٺن ۾ پاڻي، صحت سميت سموريون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن،سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي تازو فوت ٿيل ٻارڙن ۾ اسلم،غفار، ڀڳڙو، جمو، ڪرمڻ، هوتچند، خدابخش، رام جي تازن ڄاول ٻارڙن سميت ٽي ڏينهن جي هيماڌي ڀڳڙو،9 مهينن جي مرادي ڌي غفور، چئن مهينن جو افضل ولد عبدالجبار،روشن ولد حبو شامل آهن ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ ڳوٺ ماناڻي واسي 9 ورهين جو ٻارڙو رامسنگھه ولد نارو ڀيل فوت ٿي ويو،سراسري طور روزاني چار کان پنج ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن،جيڪي ٻارڙا ٻھراڙي جي ڳوٺن جا رهواسي آهن، هوڏانهن رڳو مٺي سول اسپتال جي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ 40 کان به وڌيڪ ٻارڙا داخل آھن،علاج جون سهولتون رڳو مٺي شھر تائين محدود هجڻ ڪري ڏورانهين ڳوٺن مان ايندڙ ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي رهيا آھن،حڪومتي دعوائن باوجود ٻھراڙي جي ڳوٺن تائين علاج جون سهولتون پهچي ناهن سگهيون،جنهن ڪري ٻارن جي موت وارن وڌندڙ واقعن تي ضابطو اچڻ مشڪل بڻيل آھي، ڊاڪٽرن موجب ٻھراڙي جي ڳوٺن مان پئدائشي طورڪمزور ٻارڙن جي اسپتال تائين پهچڻ وقت حالت ڳڻتي جوڳي هجي ٿي تنهن ڪري سندن زندگيون بچائڻ مشڪل بڻيل آھن. وقت تي اسپتال پهچن ته کين بچائي سگهجي ٿو. ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي موت وارن واقعن جي وڌڻ جو نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٺي مشتاق احمد ڪلوڙ، جڊيشنل مئجسٽريٽ گرمکداس سول اسپتال مٺي پهچي اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ آپريشن ٿيٽر جو دورو ڪيو ۽ اسپتال انتظاميا کي مريضن کي بهتر سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ حڪومت جي ڪيل اعلانن تي عمل نه ٿيو،چوپائي مال جو چارو فراهم نه ڪيو ويو،سنڌ حڪومت ٿر جي چوپائي مال لاءِ چارو فراهم ڪرڻ جو مهينو اڳ اعلان ڪيو ويو هو پر انهي تي عمل نه ٿيڻ ڪري لکن جي تعداد ۾ مال بکن ۾ پاھ ٿي ويو آهي مالوند مارو مجبورن مال وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، شهرن جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ختم نه ٿي،ايمرجنسي حالتن دوران مريضن کي سمهارڻ لاءِ بيڊ کٽي وڃن ٿا،حادثن جي دوران اسپتالن ۾ افراتفري متل هجي ٿي انهي سان گڏ بيمارين وگهي اسپتالن تائين پهچندڙ مريضن کي هڪ بيڊ تي سٿيو ويندو آهي،جنهن سبب هڪ هڪ بيڊ تي پنج پنج مريض داخل ٿيل نظر ايندا آهن،ايمبولنسن جي ڏنل سهولتن باوجود تيل مريضن جي وارثن کي ڀرڻو پوي ٿو ۽ سنڌ حڪومت پاران تازو ڏنل هيوي ايمبولنسز ۾ تيل وڌيڪ پوڻ سبب انهن کي بيهاريو ويو آهي،سنڌ حڪومت پاران 85 ڪروڙن جي لاڳت سان ڏنل موبائل اسپتالن واريون گاڏيون به شهرن تائين محدود آهن انهن ڪوبه فائدو ناهي ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے