12 بدھ , دسمبر 2018

سنڌ ۾شگر ملن ڪريشنگ شروع نه ڪئي، دڙي ۾آبادگارن جو احتجاج

سجاول/ٻنون (رپورٽ: سورج سجاولي/نواز سومرو) سجاول، ٺٽو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي شگر ملز سميت مجموعي طور سنڌ جي سمورين شگرملز انتظاميا طرفان نومبر مھيني ۾سرڪاري اعلان باوجود ملز کي چالو نه ڪرڻ سبب لاڙ سان تعلق رکندڙ مختلف ضلعن ۾ پوکيل لکين ايڪڙ ڪمند جو تيار فصل پنھنجو وزن گھٽائي سڪي رھيو آھي. سنڌ جي  شگر ملز مالڪن جي ھٺ ڌرمي سبب ملز چالو نه ٿيڻ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي. ھوڏانھن سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ ڪمند جي سڀ کا وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ علائقن ٻنون ۽ دڙو ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ مقامي آبادگار اتحاد پاران سيد اڪبر شاھه ڄاموٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ھٿن ۾ڪمن جو تيار فصل کڻي ملز کي چالو نه ۽ لاڙ شگرمل توڙي ديوان شگرمل پاران ڪمند جي مد ۾آبادگارن جا رھيل ڪروڙين رپيا ادا نه ڪرڻ خلاف پريس چوڪ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي آبادگارن اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن کي معاشي طور تباھه ڪرڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون آھن. حڪومت ڪمند واري مسئلي کي اينگاهڻ لاءِ پاسمان کي اڳيان ڪري ڇڏيو آھي. پاسمان اڃا تائين ڪمند جو اگھه به مقرر ڪرڻ نه ڪرڻ سميت ملز کي اڃا چالو نه ڪيو آھي. ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ سبب اربين روپين جي نقصان جو خدشو آھي. ھنن چيو ته شگر ڪين ايڪٽ تحت ڪمند جو اگھه کنڊ جي اگهھ سان نه پر ڪمند جي پوک تي ايندڙ خرچ جي لاڳت جي حساب سان مقرر ڪئي ويندي آھي. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت ملز جي ھڪ طاقتور گروپ آڏو بيوس آھي. جنھن سبب ملز کي نه ھلائڻ ۽ ڪمند جا اگهھ مقرر نه ڪرڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي مستقل طور تباھ ڪرڻ جي سازش سٽي ويئي آھي. ڪمند جو گھٽ ۾ گھٽ اگھ 220 روپيا مقرر ڪيو وڃي. ھنن چيو ته سجاول ضلعي جي لاڙ شگر مل ۽ ديوان شگر مل پاران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن جي کلي عام خلاف ورزي ڪندي گذريل سال جي ڪمند جي مد ۾ ڪروڙين روپين جون رھتون آبادگارن کي اڃا تائين ادا نه ڪيون آھن. جنھن سبب آبادگار طبقو معاشي طور تباھه ٿي ويو آھي. ھنن چيو ته مل مالڪن سپريم ڪورٽ ۾ پيشي دوُران لکت ۾ ڏنو ھو ته سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو مقرر ڪيل اگھه 160 آبادگارن کي ڏنو ويندو پر 10 ھفتا گذرڻ باوجود ملز انتظاميا پنھنجي ھوڏ تي قائم رھندي غريب ننڍن آبادگارن کي ڪروڙين روپين جي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪندي عدالتي حڪمن جي کليل خلاف ورزي ڪئي آھي. ھنن چيو ته آبادگارن کي قانون ھٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعظم عمران خان، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ ۾ شگر ملز کي فوري طور تي چالو ڪرائي ڪمند جو اگهھ 220 روپيا مقرر ڪري ديوان شگرمل، لاڙ شگرمل طرفان غريب آبادگارن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي رھتون ادا ڪيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے