23 بدھ , جنوری 2019

خيرپور شگرمل جي بروڪر جون آبادگارن سان ناجائزيون

ڪنب ( ن ع آ  ) خيرپور شگر مل بااثر بروڪر جون غريب آبادگارن سان ناجائزيون وڌي ويون آبادگار روزانو جي بنياد تي خيرپور شگر مل جي ڪين آفيس ٻاهران چڪر ڪاٽڻ لڳا، جڏهن ته بااثر بروڪر غائب ٿي ويو، آبادگارن کان في مڻ تي 10 روپيه ناجائز ڪٽڻ باوجود آبادگارن کي پئسن لاءِ رلائڻ معمول بڻجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ علائقي جي آبادگارن ٻڌايو آهي ته هڪ ڪمند کي اگھه ناهي ٻي طرف خيرپور شگر مل جو بااثر بروڪر في مڻ تي 10 روپيه گهاٽي ڪٽڻ باوجود پئسن لاءِ رلائيندو رهي ٿو، هنن چيو ته روزانه خيرپور شگر مل جي ڪين آفيس ۾ چڪر ڪاٽي واپس اچون ٿا بااثر بروڪر ملڻ لاءِ ئي تيار ناهي، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته بااثر بروڪر خلاف ڪارروائي ڪري پئسا ڏيارين،

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽيل مل نجڪاري لسٽ مان خارج، بحالي جي رٿابندي ڪئي آهي:گورنر سنڌ

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے