12 بدھ , دسمبر 2018

اعظم سواتي طرفان آمريڪا ۾ غلط بياني ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد( م ڊ) اعظم سواتي طرفان آمريڪا ۾ غلط بياني ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جي آءِ ٽي کي آمريڪي هوم لينڊ ڊپارٽمينٽ جي موڪليل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اعظم سواتي 2000ع ۾ ٽيڪساس ۾ الڪوهلڪ ڪميشن ۾ پاڻ کي آمريڪي شهري طور ظاهر ڪيو. جيو جي پروگرام شاهزيب خانزادا جي رپورٽ موجب آمريڪي کاتي جي خط ۾ آهي ته اعظم سواتي 2001ع ۾  ووٽ ڏئي پاڻ کي آمريڪي شهري طور ظاهر ڪيو. آمريڪي کاتي موجب اعظم سواتي ٻنهي واقعن ۾ غلط بياني ڪئي. ڇاڪاڻ ته اعظم سواتي 1996ع کان پوءِ آمريڪي شهري رهيو ئي ناهي. ٻنهي واقعن ۾ اعظم سواتي جون درخواستون رد ڪيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے