12 بدھ , دسمبر 2018

وزيراعظم طرفان نوجوانن لاءِ قومي پاليسي آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو) وزيراعظم عمران خان نوجوانن لاءِ قومي پاليسي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته عثمان ڊار کي نوجوانن جي معاملن لاءِ پنهنجو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان عثمان ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کيس پنهنجو نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار مقرر ڪيو جڏهن ته وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ڊويزن عثمان ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. وزيراعظم نوجوانن لاءِ قومي پاليسي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئون پاڪستان يوٿ پروگرام آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي پاليسي ۽ يوٿ پروگرام جي تياري جو ٽاسڪ عثمان ڊار کي سونپيو ويو آهي. عثمان ڊار نئون پاڪستان يوٿ پروگرام ۽ يوٿ پلس پورٽل جي تياري ڪندو. ان موقعي تي عثمان ڊار  خاص مددگار طور پروگرام نه وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مان قومي ناڻي تي بار نه ٿيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے