12 بدھ , دسمبر 2018

آرمي زمين تي ڪاروبار غيرقانوني، پلاٽ مافيا کان ڇڏائڻ جو حڪم

 ڪراچي ( رپورٽر ) سپريم ڪورٽ ملٽري لينڊ تي قائم شادي هال ۽ واپاري سرگرميون غيرقانوني قرار ڏيندي فوري بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سمورن فلاحي پلاٽن کي ماسٽر پلان مطابق قبضا مافيا جي چنبي مان ڇڏائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٿيل فيصلي تي عمل لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن، فيصلي موجب ججن رمارڪس ڏيندي چيو ته دفاعي مقصدن لاءِ ڏنل زمين ۽ پلاٽن تي شادي هال ٺاهي واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، شهر ۾ فلاحي پلاٽن تي قبضا ڪري انهن تي شادي هال ۽ ٻيو واپاري سرگرميون ڪيون پيون وڃن جيڪي ماسٽر پلان تحت قبضا مافيا کان خالي ڪرايا وڃن، ڪي ايم سي بلڊنگ ۽ سٽي ڪورٽ جي وچ واري روڊ تي غيرقانوني اڏاتون آهن انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، اسپتالن لاءِ مختص ڪيل زمين تي به شادي هال قائم ڪيا ويا آهن، ڊي ايڇ اي جي سمورن فيز ۾ لائيبريريون قائم ڪيون وڃن، ذريعن موجب 24 نومبر تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ هڪ اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي، ڊائريڪٽر ليگل ڊي ايڇ اي خرم قمر، سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، ٽرانسپورٽ جو سيڪريٽري اختر غوري، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين ۽ گهرو کاتي جو سيڪريٽري عبدالڪبير قاضي شرڪت ڪئي هئي ان اجلاس جي روشني ۾ سپريم ڪورٽ پاران اهڙو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے