12 بدھ , دسمبر 2018

ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ تيل، گئس ۽ روينيو ڏيندڙ سنڌ سيلز ٽئڪس ۾ به اڳتي نڪري وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن دوران سروسز ( خدمتن) تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ وڌيڪ آمدني جمع ڪرائيندڙ ملڪ جو واحد صوبو بڻجي ويو. سنڌ ريونيو بورڊ (ايس آر بي) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال 19-2018 ۾ جولاءِ کان نمبر جي وچ ۾ آمدني 13.28 سيڪڙو کان وڌي 35 ارب 90 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي جيڪا گذريل سال جي انهيءَ عرصي دوران 31 ارب 69 ڪروڙ رپيا هئي. نومبر مهيني دوران ٽيڪس جي وصولي 20.06 سيڪڙو لڳ ڀڳ 8 ارب رپيا رهي جيڪا گذريل سال انهيءَ مهيني ۾ 6 ارب 60 ڪروڙ رپيا هئي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ پري پيڊ ۽ پوسٽ پيڊ سروسز تي سيلز ٽيڪس جي معطلي جي باوجود ٽيڪس جي آمدني ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ٻئي پاسي سرڪاري انگن اکرن موجب پنجاب رويونيو اٿارٽي هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ 35 ارب رپيا جمع ڪيا جيڪي گذريل سال جي 43 ارب رپين جي مقابلي  ۾ 18.6 سيڪڙو گهٽ آهي. اهڙي ريت خيبرپختونخواهه ٽيڪس اٿارٽي جي ڪارڪردگي به مايوس ڪندڙ رهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ سروسز تي سيلز ٽيڪس جي آمدگي گذريل سال جي 98 ڪروڙ رپين کان گهٽ ٿي 88 ڪروڙ 90 لک رپيا رهي. ان کان سواءِ ساڳي عرصي دوران سروسز تي بلوچستان طرفان سيلز ٽيڪس جمع ڪرڻ بابت انگ اکر موجود ناهين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے