18 پیر , فروری 2019

چين باهه ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ وارو پاڻمرادو ڪم ڪندڙ ڊرون ڊيزائن ڪري ورتو

چين(ويب ڊيسڪ) چيني شاگردن ۽ شاگردياڻين اهڙي ڊرون جو تصور پيش ڪيو آهي جيڪو هڪ مضبوط ڄار کڻي سڙندڙ عمارتن ۾ ماڻهن کي ڳوليندو. ڪواڊ ڪاپٽر ڊورن چئني ڪنڊن تي ڄار کي کڻي ۽ ڦهلائي رکندو ۽ ماڻهو پنهنجو سر بچائڻ جي لاءِ ان ڄار تي ٽپو ڏيندا. سامونڊي لائف گارڊ جيان ان ذيزائن کي نيٽ ڊرون جو نالو ڏنو ويو آهي، اعتبار جوڳو ڊرون پاڻمرادو اڏامندو ۽ هوا جي وچ ۾ ڄار کي ڦهلائيندو. جي پي ايس نظام مان ليس ڊرون سسٽم کي جيئن ئي ڪنهن عمارت ۾ باهه وسائڻ جو اشارو ملندو چار ڪواڊ ڪاپٽر اتي پهچي ڄار ڦهلائيندو ۽ پاڻ ماڻهن کي سڃاڻي انهن کي بچائيندو. چنئي طرفن کان ڊرون ڄار کي ڇڪي چادر جيان ڦهلائيندو. اِهو آئيڊيا گوانگ ڊونگ پولي ٽيڪنڪ نارمل يونيورسٽي جي برقي انجنيئرنگ واري شعبي جي 6 شاگردن پاڻ ڊيزائن ڪيو آهي جنهن تي هنن کي بهترين ڊيزائن جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لنڊن جي ڊاڪٽرن ڪيو ڪهڙو ڪمال…….پڙهي ٿيندا حيران

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين زندگي جو هن دنيا ۾ اچڻ معمول جو حصو آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے