12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| گلشن اقبال: عورتن پاران گهر تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

سچل ڳوٺ ۾ پوليس بااثر لينڊ مافيا جي چرچ تي رٽائرڊ استاد جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڀاتين کي مارڪٽ بعد 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي.

ايس ايڇ او فرخ شاهه پوليس اٽالن سان رٽائرڊ استاد نظير سولنگي جي گهر تي چڙهائي ڪئي، پڇاڻو ڪرڻ تي پوليس گهر ڀاتين کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن

متاثرن جو چوڻ آهي ته پوليس ڇاپي وقت رفيق ، عادل ،اسلام الدين سولنگي ۽ ٻين گهر ڀاتين کي مارڪٽ بعد کنڀي وئي.

متاثر عورتن دانهيندي چيو ته پوليس گهر ۾ جهڙتي وقت قيمتي سامان ۽ روڪ رقم کڻي وئي جڏهن ته پڇاڻو ڪرڻ تي عورتن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو

هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس بااثر لينڊ مافيا اڪبر درس جي چرچ تي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ حملو ڪيو.

سندن چوڻ هو ته هنن جو گهر بابت ڪورٽ ۾ ڪيس هلي پيو پر ايس ايڇ او اسٽي آرڊر ڦاڙي ڇڏيو.

متاثر عورتن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر ۽ ايس ايڇ او خلاف قدم کڻي انصاف فراهم ڪيو وڃِي

رپورٽ: شفقت نوناري

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| عادلپور: ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

عادلپور ۾ ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے