12 بدھ , دسمبر 2018

سلمان ۽ دپيڪا پئسو ڪمائڻ جي گوءِ ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان ڀارت جي انٽرٽينمينٽ شعبي جي 100 امير ترين  شخصيتن ۾ پهريون نمبر ماڻيو آهي، جڏهن ته دپيڪا پڊڪون چوٿين نمبر تي موجود آهن. آمريڪي رسالي فوربز انٽرٽينمينٽ سان واسطو رکندڙ ڀارت جي ٽاپ 100 امير ترين شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. لسٽ موجب سلمان خان 253 ڪروڙ 25 لک ڪمائي سان پهرين نمبر تي آهي، هن پهرين آڪٽوبر 2017ع کان 30 ڊسمبر 2018ع تائين هڪ سال دوران فلم ”ريس3، ٽائيگر زنده هي ۽ بگ باس“ ۾ ميزبان طور شرڪت ڪري اها رقم ڪمائي. لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي آهي، جنهن هڪ سال دوران 228 ڪروڙ 9 لک رپيا ڪمايا. ڀارت جي امير ترين شخصيتن جي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي ايڪشن هيرو اڪشي ڪمار آهي، هن هڪ سال دوران 185 ڪروڙن جي ڪمائي ڪئي. تازو ئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ اداڪارا دپيڪا پڊڪون آمدني جي لحاظ سان چوٿين نمبر تي آهي. هن هلندڙ سال 112 ڪروڙ 8 لک رپيا ڪمايا. دپيڪا پڊڪون ٽاپ ٽين ۾ جاءِ ٺاهيندڙ واري پهرين عورت اداڪارا آهي. ڀارتي ڪرڪيٽر مهيندرا سنگھه ڌوني 101 ڪروڙ 77 لک آمدني سان پنجين نمبر تي آهي. بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان 97 ڪروڙ 50 لک آمدني سان ڇهين نمبر تي آهي. بالي ووڊ جو شهنشاه امنتاڀ  بچن به هن لسٽ ۾ شامل 96 ڪروڙ 17 لک آمدني سان ستين نمبر تي آهي. رنوير سنگھه اٺين ، سچن ٽنڊولڪر نائين ۽ اجي ديوگن ڏهين نمبر تي آهي. بالي ووڊ شاهه رخ خان جي پهرين آڪٽوبر 2017 کان 30 سيپتمبر 2018 تائين ڪا به فلم رليز ناهي ٿي . گذريل سال فورهز جي لسٽ ۾ ٻين نمبر پوزيشن حاصل ڪندڙ بالي ووڊ شاهه رخ خان هلندڙ سال 56 ڪروڙ ڪمائي سان لسٽ ۾ 13 هين نمبر تي موجود آهي . هلندڙ سال سندس آمدني ۾ 33 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Anushka Sharma has not signed Sanjay Leela Bhansali’s next, spokesperson denies rumours

انوشڪا، سلمان سان گڏ سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ۾ڪم ڪرڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ انڊسٽري مان افواهون اچي رهيون هو ته اداڪارا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے