12 بدھ , دسمبر 2018

افغانستان:هيرات ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، پوليس اهڪار سميت 4 شهري مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اولهه صوبي هيرات ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ هڪ پوليس اهڪار سميت 4 شهري مارجي ويا جڏهن ته ٻين واقعن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا. هيرات پوليس جي ترجمان عبدالاحد ولي زاده جو چوڻ هو ته پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪندڙ ماڻهن مان 6 ماريا ويا. ميڊيا رپورٽن موجب هيرات ۾ ٿيل حملي جي ذميداري ڪنهن به گروپ ناهي قبولي پر سڄي صوبي ۾ افغان طالبان جو اثر آهي. افغان طالبان پاران صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو  بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا. ٻئي پاسي اوڀر واري صوبي ننگر هار ۾ مقامي ٽي وي جي ڊائريڪٽر کي اغوا ڪيو ويو. ننگر هار گورنر جي ترجمان عطاالله خوغياني جو چوڻ هو ته ٽي وي ڊائريڪٽر جي سڃاڻپ انجينئر زيلميا جي نالي سان ٿي آهي جنهن کي رات جو اغوا ڪيو ويو  هو. سندس چوڻ هو ته زيلميا جي ڊرائيور کي فائرنگ جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي. مقامي انتطاميا موجب ٽي وي اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جي اغوا جي ذميداري به هن وقت تائين ڪنهن ظاهر ناهي ڪئي پر هتي طالبان کان سواءِ دولت اسلاميا جا دهشتگرد به سر گرم آهن. هوڏانهن صوبي پڪتيا جي پوليس ترجمان شاهه محمد آريان جو چوڻ هو ته آمريڪا جي ڊرون حملي ۾ هڪ سرڪاري ملازم کي ماريو ويو جنهن بابت شڪ هيو ته هن جو دهشتگردن سان رابطو آهي. ان جو چوڻ هو ته صوبائي  راڄڌاني شاران جي ڀر واري علائقي ۾ آمريڪي ڊرون ڪاروائي به رات دير سان ڪئي وئي هئي. شاهه محمد آريان جو چوڻ هو ته جتي ڪارواِئي ٿي آهي ان علائقي جي حوالي سان تصور ڪيو وڃي ٿو ته دهشتگرد اتان جي شهر تي راڪٽ حملا ڪندا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب آمريڪا جو تمام سٺو اتحادي آهي: آمريڪي صدر

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سعودي عرب آمريڪا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے