20 بدھ , فروری 2019

ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون وٺي 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ابو ظهبي ( ويب ڊيسڪ ) ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون وٺڻ جو 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ خلاف ابو ظهبي ٽيسٽ ۾ ياسر شاهه پنهنجي ٻي وڪيٽ حاصل ڪئي ته سندس 200 وڪيٽون مڪمل ٿيون. اهڙي نموني هن آسٽريلوي ليگ اسپنر ڪليري گرمٽ جو 1936 ۾ 36 ٽيسٽ ميچن ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ياسر شاهه 33 ميچن ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ اهڙي نموني پهريون بالر بڻجي ويو آهي جنهن تيز ترين 200 وڪيٽون مڪمل ڪيون آهن. ليگ اسپنر ياسر شاهه نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 14 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون، جيڪا سندس ڪيريئر جي بهترين بالنگ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …