12 بدھ , دسمبر 2018

مسلم ليگ ن وقت کان اڳ چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن وقت کان اڳ چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي طور ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته وزيراعظم طرفان وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه تي عوام خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته عوام خوش آهي ته جلد اسان جي جان ڇٽڻ واري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان سنجيده سياست ڪرڻ چاهيون ٿا، مسلم ليگ ن وقت کان اڳ چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي.نواز شريف چيو ته فافن جي رپورٽ موجب 53 تڪن ۾ ڪاميابي جي شرح رد ٿيل ووٽن کان گهٽ آهي، جنهن دوران هنن ملڪي سياسي، معاشي ۽ پرڏيهي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي ۾ اسان جي دلچسپي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ٿين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے