12 بدھ , دسمبر 2018

ڪشمير مسئلي تي ڪنهن صورت ۾ سوديبازي نه ڪنداسين: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪرتارپور سبب ڪشمير مسئلو پوئتي هليو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته چيني سرڪاري ٽي وي تي والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو بڻائڻ بابت خبرون بي بنياد آهن، چين معاملي تي پاڪستان کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي، چين والاريل ڪشمير کي اڇي رنگ ۾ ظاهر جڏهن ته چيني سرڪاري ٽي وي تسليم ٿيل نقشو استعمال ڪيو. هن چيو ته آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد چيو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي آفيس سان ملاقاتون ڪيون، افعانستان ۾مفاهمتي عمل تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، زلمي خليل زاد جي دوري ۾ ڪو به شرط نه رکيو ويو،ڳالهين ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو تي ڀاڙينديون آهن،  پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمتي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي يقين رکي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪرتارپور راهداري اڃا مڪمل طور نه کلي آهي، پاڪستان ڀارت سان ڳالهيون چاهي ٿو، پاڪستان سر ڪريڪ، ڪشمير سميت سمورن حل طلب معاملن تي ڳالهيون چاهي ٿو،  چين کي پاڪ ڀارت ڳالهين تي ڪو به اعتراض ناهي، ڀارت سان هاڪاري رد عمل جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي زيادتين جو سلسلو جاري آهي، ڪيترن ئي هٿين خالي ماڻهن کي ڇرن واري بندوق سان زخمي ڪيو ويو آهي.  سندس چوڻ هو ته ممبئي حملن بابت ڪيس ۾ قانون موجب انصاف ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے