20 بدھ , فروری 2019

ملڪ ۾ ڌڪي اسٽارٽ حڪومت آهي، پارليامينٽ کي مفلوج ڪيو پيو وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان کي خبر ئي ناهي ته هو وزيراعظم آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته مون کي ٽي وي تي ڊالر جو اگهه وڌڻ بابت خبر پئي آهي، ياد ڏيارڻو پوندو آهي ته ملڪ جو وزيراعظم آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڏکيون حالتون آهن، توهان ڌڪي اسٽارٽ ذريعي ملڪ هلائيندا. سندس چوڻ هو ته اقتدار جي نشي ۾ هي ماڻهو وساري ويٺا آهن ته سينيٽ ۾ سندن اڪثريت ناهي. شيري رحمان چيو ته 100ڏينهن ۾ رڳو ڊالر جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي، پهرين 100 ڏينهن ۾ پي اي سي به قائم نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته رپئي جي ملهه ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي، ماضي جي حڪومت ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هنگامو ڪيو، 100 ڏينهن دوران آنن، ڪڪڙين ۽ مينهن کانسواءِ ڪابه ڳالهه نه ٿي آهي. هن چيو ته پارليامينٽ کي اکاڙو بڻايو ويو آهي، ٻنهي ايوانن کي بي توقير ڪيو ويو،  صدارتي آرڊيننس جي ڳالهه ڪري پارليامينٽ کي مفلوج ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هي وي آءِ پي ڪلچر تي يقين نه ٿا رکن پر حڪومتي ميمبر جهازن ۾ اچي وڃي رهيا آهن، 8، 8 گاڏين جي قافلي ۾ هلي رهيا آهن. شيري رحمان چيو ته تيل جا اگهه گهٽ ٿيا پر عوام کي رليف نه مليو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے