12 بدھ , دسمبر 2018

ايران جي شهر چاهه بهار ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي سامونڊي شهر چابهار ۾ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب چا بهار ۾ نامعلوم ماڻهن پوليس ڪمانڊوز جي آفيس تي ڪار بم حملو ڪيو اڃا تائين ڪنهن گروپ حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي. امدادي ادارن موقعي تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.  ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن ڪري فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي. ايراني خابرو اداري موجب اهو آپگهاتي حملو هو جنهن ۾  پوليس هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻايو ويو، واقعي کانپوءِ ايراني سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ سرچ آپريشن ڪيو. ايراني حڪومت واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سرڪار ميڊيا واقعي کي دهشتگرد حملو قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جو روينيو، سي ڊي اي اختيارين تي آصف زرداري جي حمايت جو الزام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي ته روينيو آفيسر ۽ ڪيپٽل ڊويلپمنٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے